اسان جي احتجاج کي دهشتگردي ۽ اعتراض کي غداري چوڻ وارو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي: خالد مقبول              

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم پاڪستنا جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته اسان جي احتجاج کي دهشتگردي ۽ اعتراض کي غداري چوڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي.

ڪراچي ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته اسان هڪ اهڙي بدنصيب رياست ۾ رهون پيا جتي ماڻهن کي گم ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ناهي ٿيندو، اهڙي قسم جي روايت جي ڪنهن به رياست ۾ اجازت ناهي.

ايم ڪيو ايم ڪنوينر چيو ته جن اسان جي ڪارڪنن کي گم ڪيو انهن کي سزا نٿا ڏيارڻ چاهيون، پر ماڻهن کي گم ڪرڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.