زمين تي موجود ڪِولين جو انگ ۽ وزن ڪيترو آهي؟ تازي تحقيق توهان کي به ڇرڪائي ڇڏيندي

 

وڏي وقت کان اها اڳڪٿي ڪئي ويندي هئي ته زمين تي ڪِولين جو گڏيل وزن سڀني انسانن جي مجموعي وزن کان وڌيڪ آهي، هاڻ نيٺ ان جو اندازو ٿي ويو آهي.

هانگ ڪانگ جي محققن اندازو هنيو آهي ته سڄي زمين تي 20,000,000, 000, 000, 000  يا 20 ڪواڊريلين ڪِوليون موجود آهن.

محققن جي ٽيم موجب ڪِولين جي هر جاءِ تي حيران ڪندڙ انگ ماهرن کي زمين تي انهن جي صحيح انگ تي غور ڪرڻ تي اڪسايو پر منظم ۽ تجرباتي طور تي جڙيل ڪاٿن جي کوٽ آهي.

ماهرن دنيا جي مختلف حصن ۾ ڪِولين جي حوالي سان 489 مطالعن مان انگ اکر جوڙي مجموعي انگ جو ڪاٿو لڳايو ۽ اهو ڪاٿو 20 ڪواڊريلين آهي.

ان تحقيق جا نتيجا ”پروسيڊنگز آف دي نيشنل اڪيڊمي آف سائنسز“ رسالي ۾ ڇپيا آهن.

ٽيم زمين تي ڪولين جي گڏيل وزن جو به اندازو لڳايو، جيڪو 12 ملين ٽن آهي، جڏهن ته جهنگلي پکين ۽ جانورن جو مجموعي انگ تقريبن 2 ملين ٽن آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.