بُک وگهي روز هزارين انسان موت جو کاڄ بڻجڻ لڳا، ڇرڪائيندڙ انگ اکر جاري

دنيا ۾ هر چئن سيڪنڊن ۾ هڪ فرد بک وگهي موت جو کاڄ بڻجي رهيو آهي، اهڙو انڪشاف ٻه سئو کان وڌيڪ اين جي اوز هڪ کليل خط ۾ ڪيو ويو آهي. خط ۾ ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ويو آهي ته عالمي برداري اهڙي سنگين مسئلي جي حل لاءِ فوري طور ڪي جوڳا ۽ اثرائتا قدم کڻي.

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي 75 ملڪن سان واسطو رکندڙ آڪسفيم ۽ سيودي چلڊرن سميت  238 اين جي اوز هڪ کليل خط جاري ڪيو.

خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته سڄي دنيا ۾ چوٽيهه ڪروڙ پنجاهه لک ماڻهون خوراڪ نٿي ملي ، ان انگ ۾ ٻه هزار اڻويهه ۾ ٻيڻ اضافو ٿيو آهي.

خط موجب عالمي اڳواڻن طرفان ايڪويهين صدي ۾ ڏڪار جي خاتمي جي واعدن باوجود سڄي دنيا جي پنجيتاليهه ملڪن ۾ پنج ڪروڙ ماڻهو ڏڪار واري صورتحال مان گذري رهيا آهن.

اين جي اوز جو چوڻ آهي ته روزاني 19 هزار ست سئو ماڻهو بک وگهي زندگي جي جنگ هارائي ويندا آهن، يعني هر چئن سيڪنڊن ۾ بک هڪ انساني حياتي کسي وٺي ٿي.

خط موجب اها ڪنهن هڪ ملڪ يا کنڊ جي ڳالهه ناهي ۽ بک جو ڪو هڪ ڪارڻ ناهي، اها سڄي انسانيت لاءِ ناانصافي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.