ڪنڌڪوٽ ۾بدامني خلاف آل پارٽيز موومينٽ سراپا احتجاج

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ:ممتاز سنڌي) ڪشمور ضلعي ۾ بدامني خلاف آل پارٽيز موومينٽ جي سڏ تي ڪنڌڪوٽ جي سول سوسائٽي گھنٽا گھر کان پريس ڪلب تائين سنڌ بار ڪاؤنسل جي ميمبر عبدالغني بجاراڻي، ايس ٽي پي جي ضلعي صدر اڪرم باجڪاڻي، جماعت اسلامي جي غلام مصطفيٰ ميراڻي، ايس يو پي جي ڊويزنل صدر ظريت بجاراڻي، ايس يو پي جي ضلعي صدر  دلمراد ڏاھاڻي، پاڪ سر زمين پارٽي جي بشير ميراڻي، جي يو آءِ جي مولوي جمال الدين اوڳاھي . شاھنواز مرھٽو،  اصغر شيخ، حاجي الطاف حسين، اشفاق مري ۽ رميش لال جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙن ايس پي ھٽايو، امن بحال ڪرايو، چوري ڌاڙا ڦرون بند ڪرايو جي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ٻوڏ بعد ضلعي اندر چوريون، ڦرون، ڌاڙا ۽ اغوا روز جو معمول بڻجي ويو آھي، جنھن ڪري ماڻھو خوف واري زندگي گذاري رھيا آھن، ايس ايس پي امن ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام نظر اچي رھيو آھي امن امان نه ھجڻ ڪري ڪا به سماجي تنظيم ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ھتي اچڻ لاءِ تيار نه آھي.هنن چيو ته ڪشمور ضلعو  اغوا جي انڊسٽري بڻجي ويو آھي، ھڪ مغوي کي پوليس بازياب ڪرائي ٿي ته ٻئي ڏينھن ٻه ٻيا اغوا ٿي وڃن ٿا. هنن سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته فوري طور ڪشمور ضلعي ۾ امن امان بحال ڪرائي نااھل عملدارن کي ھٽايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جاري رھندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.