بدين ۾ ٻوڏ متاثرن جي سھائتا نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

بدين (ڊ ر) بدين ۾ٻوڏ متاثرن سهائتا نه ٿيڻ خلاف قادري جيلاني جماعت جي ضلعي صدر حاجي محمد سومرو، ماستر امير بخش نھڙيو، غلام مصطفي کوسو، حاجي سولنگي ۽ سڪندر علي شاھ جي اڳواڻي ۾ ايوان صحافت اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳواڻن چيو ته اسان جي جماعت جي رھنما سيد پير غلام رحماني جيلاني ڊي سي بدين ۽ چونڊيل نمائندن کي برساتن ۾ متاثر ٿيل جماعت جي ماڻهن جي ھر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ چيو آهي پر ضلعي انتظاميا اسان سان ملڻ لاءِ تيار ئي ناهي نه وري گهرن جي سروي ڪئي وڃي ٿي نه وري مالي سھائتا ڪرڻ لاءِ  تيار آهي. جڏهن ته قادري جيلاني سان   تعلق رکندڙ ضلعي بدين جا  ٻه لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن ۽ اڃا تائين گهرن ۾ برسات جو پاڻي بيٺل آهي ۽ سندن گهر ڪري پيا آهن ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ماڻهو بيروزگار ٿي ويا پر ڪو به سار لهڻ وارو ناهي. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ضلعي انتظاميا خميس تائين اسان جي جماعت جي ماڻهن جي  سھائتا نه ڪئي  ته بدين جي ڊي  سي آفيس  آڏو  جماعت قادري جيلاني جا ھزارين ماڻهو. وٺي ڌرڻا ھڻنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.