ڪلوئي پوليس گينگ ريپ بعد آپگهات ڪندڙ ناري جو ڪيس بااثرن خلاف داخل ڪرڻ کان انڪاري

ڪلوئي(رپورٽ: نواز لنڊ ) ڪلوئي پوليس اجتماعي لڄالٽ ۽ جرڳي بعد مبينا خودڪشي ڪندڙ ناري جو ڪيس بااثرن خلاف داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ناري جي آپگهات کان اڳ واري وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هو دانهون ڪوڪون ڪري انصاف لاءِ ٻاڏائي رهي هئي پر انصاف نه ملڻ ڪري هو زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، ناري افشانه سومرو جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان ڪيترن ئي ڪلاڪن کان ٿاڻي تي ويٺل آهيون پر ڪلوئي پوليس ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ تيار نه آهي، وارثن پاران ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ جو ٻڌي ايس ايڇ او علي حسن چانگ ٿاڻو ڇڏي کسڪي ويو آهي، رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڪلوئي حسن علي چانگ چيو ته اسان ڪيس داخل ڪنداسين، آخري اطلاعن تائين ناري جا وارث ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ٿاڻي تي ويٺل هئا پر ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، ٻي طرف شهيد دودو سومرو ويلفيئر اڳواڻ معشوق سومرو ۽ ٻيا وفد جي صورت ۾ مبينا طور خودڪشي ڪندڙ ناري جي تڏي تي پهتا ۽ مڪمل ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو آهي. ناري جي ڀاءُ زاهد سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان سان ظلم ٿيو آهي منهنجي ڀيڻ کي عطا الله عرف ذاڪر چانڊيو ۽ ٻين گڏجي اغوا ڪيو، چئن ڏينهن کان پوءِ بااثر وڏيرين جي معرفت اسان کي واپس ڏني ۽ منهنجي ڀيڻ دل برداشت ٿئي خودڪشي ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.