متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏبو، انتظاميا کي امدادي سامان جي اڻڌري ورڇ جو پابند بڻايو آهي: ايم پي اي هير سوهو

پ پ ايم پي اي هير سوهو ميرپوربٺوري جي برسات ۽ ٻوڏ متاثرن کي امدادي سامان نه ملڻ واري شڪايتن تي واهر جي خاطري ڪرائي آهي.

ميرپوربٺوري جي برسات متاثرن کي امدادي سامان نه ملڻ واري شڪايتن تي پ پ ايم پي اي هير سوهو اي سي آفيس پهتي، سڌ پوڻ تي برسات ۽ ٻوڏ متاثر مردن عورتن جي وڏو انگ به اي سي آفيس پهتو.

متاثرن پ پ ايم پي اي هير سوهو آڏو امدادي سامان نه ملڻ ۽ واهر نه ٿيڻ جون شڪايتون ڪيون، جنهن تي هن متاثرن کي واهر جي خاطري ڪرائي.

ان موقعي تي ايم پي اي هير سوهو جو چوڻ هو ته سڄي سنڌ جيان برساتن ۽ ٻوڏ سبب ميربٺورو تعلقو به گھڻو متاثر ٿيو آهي پر ڪنهن به متاثر کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.

هن چيو ته متاثرن جي شڪايتون ختم ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميا کي امدادي سامان اڻڌري طريقي سان ڏئي واهر ڪرڻ يقيني بڻائڻ جو پابند ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.