ميهڙ ۾ ايس يو پي جو ٻوڏ متاثر جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

ميهڙ ۾ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي پاران ٻوڏ متاثر جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڪارڪنن سڪندر سوڍر، حاجي خان مارفاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميهڙ باءِ پاس کان گھنٽا گھر چوڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن الزام هڻندي چيو ته ميهڙ ۾ ٻوڏ متاثر واهر نه ٿيڻ سبب کليل آسمان هيٺ بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته مختيارڪار ۽ ٻيا عملدار امدادي سامان هڙپ ڪرڻ واري عمل ۾ رڌل آهن.

هنن اعليٰ عدالتن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي متاثرن جي اهنجن جو ازالو ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.