ڪنڌڪوٽ ۾ عورت مڙس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪنڌڪوٽ ۾ عورت مڙس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪيو آهي.

ڳوٺ گامڻ جکراڻي جي رهواسڻ شهزادي نصيراڻي پنهنجي چاچي بهار ۽ چاچي ناز خاتون سان گڏ پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي شهزادي نصيراڻي ميڊيا آڏو الزام هڻندي چيو ته سندس مڙس ضمير مڙهٽو نشي جي عادي آهي، جيڪو هر وقت پئسن لاءِ تنگ ڪندو رهي ٿو.

هن چيو ته هفتو اڳ سندس امڙ فوت ٿي وئي، تڏي تان زبردستي گھر هلڻ کان انڪار ڪرڻ تان مڙس مڇرجي ڳوٺ جي معزز ۽ پيءُ جي عمر جي شخص سان ڪارنهن جي تهمت مڙهي.

عورت مطالبو ڪندي چيو ته مڙس ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ چاهي ٿو، ايس ايس پي ڪشمور ۽ ٻيا وس وارا نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.