ٻوڏ جي تباهين ۽ قرضن باوجود پاڪستان ڏيوالپڻي جو شڪار نه ٿيندو: مفتاح اسماعيل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پاڪستان تباهي مچائيندڙ ٻوڏ باوجود قرضن سبب ڏيوالپڻي جو شڪار نه ٿيندو.

پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته چئلينجنگ صورتحال ۾ معاشي استحڪام جو رستو ڏکيو هو جيڪو هاڻي وڌيڪ مشڪل ٿي ويو آهي، جيڪڏهن سوچي سمجهي فيصلا ڪنداسين جيئن اسان ڪري رهيا آهيون ته اسان ڏيوالپڻي جو منهن نه ڏسنداسين.

ناڻي واري وزير چيو ته ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي باوجود مٽا سٽا ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ سميت معاشي استحڪام بابت گهڻي قدر پاليسيون ۽ هدف اڃا تائين ٽريڪ تي آهن.

هن چيو ته جيڪڏهن ٻوڏ سبب ڪپهه جهڙين وڌيڪ درآمدات ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ بيلنس کي چار ارب ڊالر تائين جو نقصان رسي ۽ برآمدات تي ناڪاري اثر پون تڏهن به پاڪستان مٽا سٽا ناڻي جي ذخيرن ۾ چار ارب ڊالر تائين واڌرو ڪري وٺندو.

مفتاح اسماعيل چيو ته ٻوڏ کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ٻه ارب ڊالر کان وڌيڪ نه وڌندو، ٻوڏ کانپوءِ معيشت کي گهٽ ۾ گهٽ 18 ارب ڊالر جو نقصان ٿي چڪو آهي جيڪو 30 ارب ڊالر تائين وڃي سگهي ٿو، ڪريڊٽ ڊيفالٽ جو خطرو وڌي ويو آهي ۽ بانڊ جون قيتمون پڻ ڪري پيون آهن پر پندرنهن کان ويهه ڏينهن اندر مارڪيٽ جي معمول تي اچڻ جي اميد آهي.

ناڻي واري وزير چيو ته چار ارب ڊالر کان وڌيڪ پرڏيهي مالياتي ذريعن کي محفوظ ڪيو ويو آهي جڏهن ته هلندڙ مالي سال دوران قطر، گڏيل عرب رياستن ۽ سعودي عرب سان اٽڪل پنج بلين ڊالر جي سيڙپڪاري پڻ ڪئي ويندي، تيل لاءِ هڪ ارب ڊالر جي دير سان ادايئگي جي سهولت کي فعال ڪرڻ لاءِ هڪ دوست ملڪ سان جلد ئي قانوني دستاويزن تي صحيحيون ڪرڻ وارا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.