ڪراچي: بي رحم پيءَ هوم ورڪ نه ڪرڻ تي پٽ کي باهه ڏئي ماري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ پيءَ پڙهائي نه ڪرڻ تي 12 ورهين جي پٽ کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ هو سڙي فوت ٿي ويو.

افسوسناڪ واقعو اورنگي ٽائون سيڪٽر ساڍا 11 ۾ 14 سيپٽمبر تي پيش آيو، رئيس امروهي ڪالوني جي بي رحم شخص نذير پنهنجي 12 ورهين جي پٽ شهير کي رڳو ان ڳالهه تي تيل هاري باهه ڏئي ڇڏي ته هن اسڪول جو هوم ورڪ نه ڪيو هو.

شهير کي زخمي حالت ۾ اسپتال نيو ويو، جتي هو لاڏاڻو ڪري ويو، پٽ جي دردناڪ موت جي ٻن ڏينهن کانپوءِ ماءُ پنهنجي مڙس خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي.

پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن پوليس کي بيان ڏنو ته سندس پٽ ڪجهه ڏينهن کان پڙهائي نه ڪري رهيو هو، کيس ڊيڄارڻ لاءِ تيل هاريو، ماچيس جي تيلي ڊيڄارڻ لاءِ دکائي پر باهه لڳي وئي، جيئن ئي پٽ رڙيون ڪيون ته مان اکيون پٽيون ۽ کيس اسپتال وٺي ويس.

پوليس موجب ٻار پيءَ سان لغڙ اڏائڻ جو ضد ڪيو هو، پيءَ ٻار کان پڙهائي جو پڇيو ته ته هو جواب نه ڏئي سگهيو، جنهن تي پيءُ ڪاوڙ ۾ اچي ويو.

هوڏانهن جوابدار کي جڊيشل مئجسٽريٽ اولهه جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتان عدالت جوابدار کي 24 سيپٽمبر تائين جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.