نازيبا وڊيوز وارو معاملو: چار جوابدار گرفتار

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي شهر چندي گڙهه ۾ خانگي يونيورسٽي جي شاگردياڻين جون نازيبا وڊيوز وائرل ڪرڻ واري معاملي تي ۾ هن وقت تائين جوابدار شاگردياڻي سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڀارتي شهر چندي ڳڙهه ۾ خانگي يونيورسٽي جي شاگردياڻين جون نازيبا وڊيوز وائرل ٿيڻ کانپوءِ وڳوڙن واري صورتحال ٿي وئي آهي متاثر ۽ ٻيا سراپا احتجاج بڻيل آهن.

جوابدارن جي گرفتاري کانسواءِ چندي ڳڙهه يونيورسٽي جٿي اهو واقعو پيش آيو آهي انکي چوويهه سيپٽمبر تائين بند ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته چندي ڳڙهه يونيورسٽي ۾ يونيورسٽي جي شاگردياڻين جي اڻوڻندڙ وڊيوز وائرل ٿيڻ تي اٺ ڇوڪرين مبينا طور تي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن تي يونيورسٽي ڪيمپس ۾ شاگردن سخت احتجاج ۽ وڳوڙ ڪيا. جنهن کانپوءِ صورتحال تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پوليس کي گهرايو ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب، پوليس ۽ يونيورسٽي انتظاميا طرفان ڇوڪرين جي خودڪشي واري ڪوششن کي افواهه قرار ڏنو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.