وزيراعظم آءِ ايم ايف جي اعليٰ اختيارين ۽ ورلڊ بئنڪ جي صدر سان ملاقات ڪندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف 21 سيپٽمبر تي نيويارڪ ۾ آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ۽ ورلڊ بئنڪ جي صدر سان ملاقات ڪندو.

وزيراعظم آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم لنڊن ۾ برطانوي راڻي جي آخري رسمن ۾ شرڪت کانپوءِ نيويارڪ پهچندو.

نيويارڪ ۾ موجودگي دوران وزيراعظم جي ٻين ملڪن جي اڳواڻن سان اهم ٻطرفا ملاقاتون ٿينديون، 20 سيپٽمبر تي وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي آجيان ۾ شرڪت ڪندو.

20 سيپٽمبر تي وزيراعظم شهباز شريف جي فرانس جي صدر ايمانوئيل ميخوان سان ملاقات ٿيندي، 20 سيپٽمبر تي وزيراعظم شهباز شريف جي آسٽريا جي چانسلر ۽ اسپين جي صدر سان ملاقات ٿيندي، وزيراعظم شهباز شريف جي يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مائيڪل سان به ملاقات ٿيندي.

وزيراعظم شهباز شريف ”گلوبل فوڊ سيڪيورٽي ڪانفرنس“ ۾ به شرڪت ڪندو.

”گلوبل فوڊ سيڪيورٽي“ جو اهتمام سينيگال ۽ آفريقي يونين جي صدر ڪيو آهي.

21 سيپٽمبر تي وزيراعظم شهباز شريف سان آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرسٽالينا جرجيوا، ورلڊ بئنڪ جي صدر ڊيوڊ ملپس سان ملاقات ٿيندي.

ترڪيا صدر رجب طيب اردوان کانسواءِ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان به وزيراعظم شهباز شريف جي ٻطرفي ملاقات ٿيندي.

وزيراعظم شهباز شريف سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر جي ملاقات ٿيندي، 21 سيپٽمبر تي وزيراعظم شهباز شريف آمريڪا جي صدر جوبائيڊن پاران ڪوٺايل رات جي ماني ۾ شرڪت ڪندو، وزيراعظم شهباز شريف 21 سيپٽمبر تي ترڪيا جي صدر ۽ سندس گھر واري جي اعزاز ۾ مانجهاندو ڏيندو.

22 سيپٽمبر تي وزيراعظم شهباز شريف جي مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس سان ملاقات ٿيندي، وزيراعظم شهباز شريف جي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس سان سندس آفيس ۾ ملاقات ٿيندي.

وزيراعظم جي چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ، جاپاني وزيراعظم فوميو ڪاشيڊا ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم اسماعيل صابري سان به ملاقات ٿيندي، 23 سيپٽمبر تي وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.