ٻوڏ سبب ماڻهن جو وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو:قادر بخش ڪلمتي

گڏاپ (ن ع آ) مسلم ليگ ن  جي اڳواڻ قادر بخش ڪلمتي چيو آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ ڪروڙين ماڻهن جو جاني ۽ مالي نقصان ڪيو آهي،  ان نقصان جي ازالي جي لاءِ صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کي گهرجي ته مستقل طور تي پلان ٺاهي ماڻهن جي زندگي جي بحالي لاءِ تڪڙا اپاءَ ورتا وڃن، سڄي سنڌ ۾ هن وقت به لکين خاندان بي گهر ٿيا آهن، انهن بي گهر ٿيل ماڻهن جي  تڪڙي بحالي جي لاءِ حڪومت کي پنهنجا سڀ وسيلا استعمال ڪرڻ گهرجن، حڪومت کي گهرجي ته بي گهر ۽ بيروزگار بڻيل ماڻهن جي فوري بحالي جي لاءِ تڪڙا اپاءَ وٺي خاص طور تي معصوم ٻارڙن عورتن ۽ پيرسنن جي زندگي بچائڻ جي لاءِ صحت ۽ کاڌ خوراڪ جا صحيح بندوبست ڪري، قادر بخش ڪلمتي وڌيڪ چيو ته ڪراچي سميت وڏن شهرن ۾ پهتل ٻوڏ متاثرن جي حڪومت واهر ڪري ۽ ڪراچي ۾ پهتل ٻوڏ متاثرن جي هر قسم جي مدد ڪرڻ سان گڏ ان جي  فوري زندگي جي بحالي لاءِ به قدم کڻي، ٽينٽ سٽي جو ڪم  سستا رفتاري سان هلائي ٻوڏ متاثر ماڻهن جي تڪليفن ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي ٻوڏ متاثر خاندان هن وقت اذيتن جو شڪار آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.