گهوٽڪي لڳ بااثر موريون بند ڪري ڇڏيون، پاڻي ڪڍڻ تي ڌمڪيون، احتجاج

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي لڳ ديھه قاضي بادل جي ڳوٺ نئو آباد ۾ بااثرن آبادگارن موريون بند ڪري ڇڏيون، جنهن ڪري زمينن مان پاڻي نه نڪري سگهيو، ان حوالي سان ڳوٺ نئو آباد جي آبادگار محمد اقبال  ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ديھه قاضي بادل جي ڳوٺ نئو آباد ۾ منهنجي سروي نمبر 332 ۽ 333 نمبر زمين موجود آهي، جڏهن ته علائقي جي بااثرن موريون بند ڪري ڇڏيون آهن، جنهن ڪري مون کي پنهنجي مٿاهين زمين مان منهنجي هيٺاهين زمين ۾ پاڻي نٿا ڪڍڻ ڏيڻ جنهن ڪري منهنجو لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي ۽ هاڻ پاڻي نه نڪرڻ ڪري ڪڻڪ جي وقت سر پوکائي نه ٿيڻ ڪري اڄان به وڌيڪ نقصان ٿيندو، هن چيو ته مان زمين تي پاڻي ڪڍڻ لاءِ وڃان ٿو ته هو ڌمڪيون پيا ڏين،  جڏهن ته اي سي گهوٽڪي توڙي مختيارڪار گهوٽڪي به بااثرن خلاف ڪاروائي نٿا ڪن، ان موقعي تي آبادگار محمد اقبال چيف جسٽس سيشن جج، سول جج گهوٽڪي ۽ ڊي سي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته خدرا بااثرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.