بڊاڻي ۾ گيسٽرو وگهي معصوم ٻار دم ڏئي ڇڏيو

بڊاڻي (ن ع آ)بڊاڻي ۾ علي اڪبر ڀٽو محلي کان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب بدبودار گندي پاڻي سبب گيسٽرو وڌڻ لڳو وڌيڪ هڪ ٻار گيسٽرو وگهي فوت فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو بڊاڻي ۾ گيسٽرو سميت مختلف بيماريون ڦهلجي رهيون آهن ڳوٺ علي اڪبر ڀٽو ۾ برساتي بدبودار گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب گيسٽرو ۾ مبتلا ٻن مھينن جو نينگر عامر پٽ الطاف حسين ڀٽو فوت ٿي ويو.  صحت کاتو گيسٽرو مرض تي ضابطو آڻڻ بدران اگهور ننڊ ستل آهي ڳوٺاڻن غالب حسين ڀٽو قربان ڀٽو صدرالدين ڀٽو دانهيو ته هڪ طرف برسات سبب تباهيون ٿيون آهن مٿان صحت کاتي جي عملدارن جي نا اهلي سبب موت جو راڪاس شروع ٿي ويو آهي هنن چيو ته ان معاملي جو نوٽيس وٺي  علي اڪبر ڀٽو محلي کان بيٺل برساتي بدبودار گندو پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ۽ علي اڪبر ڀٽو محلي ۾ هنگامي بنيادن تي ميڊيڪل قائمپ قائم ڪئي وڃي تہ جيئين وڌيڪ گيسٽرو تي ضابطو اچي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.