گوگل طرفان هروڀرو لکين ڊالرن جي ادائيگي، همراهه حيران ۽ پريشان ٿي ويو

 

انٽرنيٽ سرچ انجڻ گوگل پاڻ کي هيڪر قرار ڏيندڙ هڪ شخص سام ڪيوري جي اڪائونٽ ۾ اڍائي لک ڊالر بنا ڪنهن سبب جي جمع ڪرائي ڇڏيا.

سام ڪيوري هڪ ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته گوگل طرفان آگسٽ ۾ پراسرار طور تي 2 لک 49 هزار 999 ڊالر منهنجي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايا ويا ۽ مون کي خبر نه هئي ته ٽيڪنالاجي ڪمپني ايڏي وڏي رقم ڇو موڪلي آهي.

ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته گوگل طرفان رقم جمع ڪرائڻ کي ڪيترائي هفتا ٿي ويا پر اڃا تائين ان جو سبب خبر ناهي پئجي سگهيو، جيڪڏهن ڪمپني چاهي ٿي ته اها رقم پاڻ وٽ رکي ته ڪو مسئلو ناهي.

هن هيڪر اڃا تائين رقم خرچ ناهي ڪئي پر اڪائونٽ ۾ رکيل اٿس ته جيئن گوگل واپس وٺڻ جي ڪوشش ڪري ته ڪو مسئلو نه ٿئي.

هڪ انٽرويو دوران سام ڪيوري خيال ظاهر ڪيو ته لڳي ٿو گوگل غلطي سان ايڏي وڏي رقم اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي ۽ اها ڳالهه صحيح ثابت ٿي.

گوگل جي هڪ ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو ته انساني غلطي سبب اسان جي ٽيم تازو غلط پارٽي کي رقم ادا ڪئي، ان غلطي کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي، ڪمپني طرفان رقم جي واپسيءَ جي ڪوشش جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.