مراد علي شاهه سان احسن اقبال جي ملاقات، هر ممڪن سهڪار جي خاطري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رٿابندي بابت وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته وزيراعظم موسمياتي تبديلين جي حوالي سان سڀني صوبن سان گڏجي مشاورت ڪندو، وفاقي حڪومت سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪندي.

وفاقي وزير احسن اقبال سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻوڏ جي صورتحال، پاڻي جي نيڪالي ۽ امدادي ڪمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

احسن اقبال چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت ڪئي آهي ته مراد علي شاهه سان رابطي ۾ رهو ۽ جنهن سامان جي تڪڙي ضرورت آهي اهو فراهم ڪيو، وفاقي حڪومت سنڌ جي هر ممڪن مدد ڪندي.

ان موقعي تي مراد علي شاهه چيو ته هن وقت 15 لک خيمن جي ضرورت آهي، رڳو اڍائي لک خيما ڏنا ويا آهن، جڏهن ته روڊ ۽ ٽرين نيٽ ورڪ جي بحالي به سخت ضروري آهي ته جيئن ضروري شين جي پهچ ٿي سگهي.

هن چيو ته آبپاشي نظام، زرعي زمينن جي بحالي ۽ پاڻي جي نيڪالي کي بهتر بڻائڻو پوندو ته جيئن عوام وڌيڪ ڏکيائين کي منهن نه ڏئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.