ٻوڏ متاثرن لاءِ وڌيڪ امداد جو اعلان

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) ٻوڏ متاثرن لاءِ وڌيڪ امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي.

آسٽريليا پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ وڌيڪ ٽي ملين ڊالر امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پاڪستان هاءِ ڪميشن آسٽريليا موجب تباهه ڪندڙ ٻوڏ 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي متاثر ڪيو آهي، ملڪ جي ٽئين حصي کان وڌيڪ حصو ٻوڏ ۾ ٻڏل آهي.

آسٽريليا پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ وڌيڪ 3 ملين ڊالر امداد جو اعلان ڪيو آهي، ان موقعي تي پاڪستاني هاءِ ڪميشن جو چوڻ هو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام مصيبت جي هن گھڙي ۾ آسٽريليا جي ايڪي جي واکاڻ ڪري ٿو.

پاڪستان هاءِ ڪميشن آسٽريليا موجب آسٽريلوي امداد ورلڊ فوڊ پروگرام ذريعي ڏني ويندي.

واضح رهي ته آسٽريليا ان کان اڳ پاڪستان کي ٻه ملين ڊالر جي امداد فراهم ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.