رياست گم  ٿيلن جو معاملو مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ چاهي ٿي: احسن اقبال

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رٿابندي بابت وفاقي وزير احسن اقبال گم ٿيل ماڻهن جي معاملن کي رياست لاءِ چئلينج قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ان مسئلي کي مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ چاهي ٿي.

ڪراچي ۾ هڪ تقريب سان خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته پاڪستان جي تحريڪ بيلٽ ۽ ووٽ ذريعي هئي پر ايوب خان پاڪستان جي ب يلٽ ۽ ووٽ جي تحريڪ کي رستي تان هٽايو.

هن چيو اسان کي طئي ڪرڻو پوندو ته هاڻ ملڪ ۾ بالادستي آئين کي حاصل آهي يا ڪجهه طبقن کي، معيشت مضبوط نه ٿيندي ته پاڪستان مضبوط نه ٿيندو.

سندس چوڻ هو ته گم ٿيل ماڻهن جو معاملو رياست لاءِ چئلينج آهي، وفاقي حڪومت مسنگ پرسنز جي مسئلي کي مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ چاهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.