ٿرپارڪر ضلع ۾ اسپري نه ٿي سگهيو، ڊينگي ۽ مليريا ڪيسن ۾واڌ

ٿرپارڪر (اي پي پي) ٿرپارڪر ضلع ۾ اسپري نه ٿي سگهيو، ڊينگي ۽ مليريا ڪيسز ۾ اضافو، ٻارڙي سميت نوجوان فوت ٿي ويو. ٿرپارڪر ضلعي ۾ مون سون برساتن کانپوءِ مڇرن عوام جو ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن. ضلعي ۾ اسپري نه ٿيڻ سبب ڊينگي ۽ مليريا جا ڪيسز وڌڻ لڳا آهن، ڊينگي بخار سبب تعلقي مٺي جي ڳوٺ بلال اوٺو جو رهائشي 21 سالن جو نوجوان حافظ قرآن ڪونڌر پٽ محبوب اوٺو ۽ تعلقي اسلام ڪوٽ جي پسگردائي واري ڳوٺ ٽاهو ڀيل جي رهائشي 9 سالن جي ٻارڙي جيسو ڌي پانچو ڀيل فوت ٿي وئي. ٻارڙي والدين سان گڏ جهڊو شهر ۾ هئي جتي کيس ٽي ڏينهن اڳ بخار ٿيو هو ۽ ڊاڪٽرن ڊينگي جي تصديق ڪئي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.