اڏيرو لال ۾ ايس ايڇ او ۽ بااثر جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

اڏيرولال(رپورٽ: سڪندر ساهووال)  اڏيرولال ويجهو شاهپور درپور ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ الهڏنو ساند جي رهواسين جو نبي بخش کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن دانهيندي ٻڌايو آهي ته پي پي جو بااثر وڏيرو پريو جکرو جيڪو پاڻ ماضي ۾ نامي گرامي ڏوهاري رهي چڪو آهي، ايس ايڇ او شاهپوردرپور نثار برهماڻي بااثر وڏيري جي وينگار وهندي اسان تي ظلم ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته اسان جي پنجن ماڻهن تي پوليس چوري جو جڙتو ڪيس داخل ڪري اسان جي هڪ نوجوان ممتاز کوسو ولد نبي بخش کوسو کي گرفتار ڪري ان مٿان سخت تشدد ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته هو غريب آهن خيرات گهري ٻن وقتن جي ماني کائين ٿا، سموري علائقي کي اسان جي خبر آهي ۽ هر ڪو شاهدي ڏيندو ته اسان انتهائي مسڪين ماڻهو آهيون. هنن چيو ته ايس ايڇ او بااثر وڏيري جي ونگار پيو وهي. هنن اهو به الزام مڙهيندي چيو ته رات جي وقت پريو جکرو ۽ پوليس جا اهلڪار گڏجي اسان جي گهرن ۾ گهڙي اچن ٿا ۽ عورتن کي حراسان ڪن ٿا. بااثر وڏيري ۽ ايس ايڇ او شاهپوردرپور خلاف سخت کان سخت قدم کنيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.