نئون ڳوٺ ڀرسان فرضي ٽينٽ سٽي لڳائيندڙن خلاف احتجاج

نئون ڳوٺ (ن ع آ) نئون ڳوٺ ڀرسان ڳوٺ صلاح جتوئي واسي برسات ۽ ٻوڏ متاثرين طرفان سماجي تنظيم جي مقامي آرگنائيزس خلاف احتجاج ڪندي متاثرين نواب علي سولنگي ۽ ٻين دانھيو ته  اندس نالي سماجي تنظيم جي تعاون سان فرضي ٽينٽ سٽي قائم ڪئي وئي ھئي جنھن ۾ ٻن سو متاثرين کي رھائڻ جو بندوبست ڪيو ويو ھو‚ ٽينٽ سٽي جي آرگنائيزس مظھر علي جھتيال ۽ شاھد قمر سولنگي طرفان  متاثرين بدران پنھنجي ڳوٺن ۽ شھرن مان 150 کان مٿي ماڻھو گھرائي ڪري سماجي تنظيم اندس جي ذميوارن جي موجودگي ۾ پنھنجن ماڻھن ۾ سامان تقسيم ڪيو، ھنن مطالبو ڪيو آھي ته ٽينٽ سٽي جي نالي تي اچي فراڊ ڪندڙن جو احتساب ڪيو وڃي ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪليون وڃن‚ مھارا ٽينٽ ۽ راشن ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.