عمرڪوٽ ۾ناري جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

عمرڪوٽ (ڊ ر) ساماري جي ڳوٺ جان محمد ڳھيلڙو ۾مارجي ويل ناري آمنا زال صديق ڳھيلڙو جا قاتل گرفتار نه ٿيا جڏهن ته پ پ ليڊيز ونگ اڳواڻ نورجھان ڳھيلڙو جي شڪايت تي وڏي وزير نوٽيس وٺي ايس ايس پي عمرڪوٽ کي ڪارروائي جو حڪم ڏنو پر  وڏي وزير  جي حڪم تي ڪو به عمل نه ٿيو.هوڏانهن مقتولڻ جي ڀاءُ ممتاز ڳھيلڙو، ڀيڻ ثمينا ۽ ٻين عزيزن پ پ ليڊيز ونگ جي نورجھان ڳھيلڙو سان گڏجي عمرڪوٽ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.احتجاج بعد پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته آمنا جي قتل ۾ سندس پهاڄ ۽ ان جو پُٽ ملوث آھن، پوليس جوابدار عبدالرزاق ڳھيلڙو، رحمت الله ۽ عورت زليخان کي گرفتار ڪيو پر اڃا تائين ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي.هنن چيو ته قتل ڪيس داخل ڪري اصل جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته ڊي آءِ جي ميرپورخاص آفيس آڏو ڌرڻو ھڻنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.