نئون ڪوٽ ڀرسان هاڪڙو ڍوري کي 30 فوٽ گهارو

نئون ڪوٽ(رپورٽ زاھد مغل) ھاڪڙي ڍوري کي 7 پلي موري وٽان گھارو، ڳوٺ حبيب چانڊيو، ڳوٺ نظر کوسو، ڳوٺ بجار خان چانڊيو، ڳوٺ بابو مولابخش نھڙيو پاڻي جي گھيري ۾ اچي ويا. پاڻي ڳوٺ ٻوڙيندو اڳتي وڌڻ لڳو، قديمي قدرتي ھاڪڙي  ڍوري جا لنگھه بند ھجڻ ۽ بااثرن طرفان ڍوري جو پيٽ ليول ڪري آباديون ڪرڻ بعد ڍوري ۾ پاڻي جو پريشر وڌي ويو آهي، ھن کان اڳ ڀٽارو يوسي ۾ ڍوري جو پاڻي چڙھڻ سبب ڳوٺ دريا خان چانڊيو، ڳوٺ طاھر چانڊيو، ڳوٺ ڀٽو راھمون، ڳوٺ غازي ٻٻر پاڻي ۾ 15 ڏينھن کان گھريل آهن ۽ ڳوٺاڻن  محفوظ ھنڌن تي پناھ ورتي آهي، ڍوري کي ڊيم بنائڻ جو گذريل 35 سالن کان مطالبو ڪندڙ سماجي اڳواڻ  جمعو خان ٻٻر ان سلسلي ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي  چيو تـ ڍوري تان قبضا خورن کي ھٽائي کاٽي ڪرائي وڃي ته ھي ھڪ وسيع ايراضي تي انسان وٽ قدرتي ڊيم جي صورت موجود آهي اضافي پاڻي ايل بي او ڊي وٽان انڊر پاس ٺاهي  آساني سان پاڻي ڇوڙ ڪري سگھجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.