شهباز آرمي چيف مقرري جو فيصلو نوازسان مشوري ۾ ڪندو: خرم دستگير

گوجرانولا (م ڊ) توانائي بابت وفاقي وزير خرم دستگير دعويٰ ڪئي آهي ته شهباز شريف آرمي چيف جي مقرري جو فيصلو لنڊن ۾ نواز شريف جي صلاح سان ڪندو.گوجرانولا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خرم دستگير چيو ته نيٽ ميٽرنگ جي نظام ۾ ڪا تبديلي نه پئي ڪئي وڃي، جن ماڻهن جي گهر سولر لڳل آهن، انهن لاءِ ڪا تبديلي ناهي، آڪٽوبر کان فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ ۾ گهٽتائي اچي ويندي.آرمي چيف جي مقرري جي حوالي سان هن دعويٰ ڪئي ته وزيراعظم شهباز شريف آرمي چيف جي مقرري جو فيصلو لنڊن ۾ نواز شريف جي صلاح سان ڪندو.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن عمران خان عوام جو سڄڻ آهي ته کيس خيرپور ناٿن شاهه وڃڻ گهرجي.پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ تي مريم نواز جي اختلاف جي سوال تي خرم دستگير چيو ته مريم نواز پارٽي جي نائب صدر آهي، پارٽي ۾ اختلاف راءِ ضرور هوندو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.