انگلينڊ خلاف سيريز ۽ بيٽنگ نمبر بابت شان مسعود اهم بيان ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني ٽيم ۾ واپسي ڪندڙ بيٽر شان مسعود پنهنجي نمبر ۽ انگلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.

نگلينڊ خلاف سيريز ۾ پاڪستاني اسڪواڊ ۾ جڳهه ٺاهيندڙ پاڪستاني بيٽر شان مسعود نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته انگلينڊ وائٽ بال جي بهترين ٽيم آهي، مون انگلينڊ ۾ ڪائونٽي ڪرڪيٽ کيڏي آهي جنهن ذريعي سندن صلاحيتن جو اندازو ٿيو، انگلش ٽيم اسان هتي اسان کي چئلينج ڪندي، جڏهن ته  عالمي ڪپ کان اڳ تيارين جو سٺو موقعو مليو آهي.

هن چيو ته پي ايس ايل ۽ انگلش ڪائونٽي ۾ رنسون اسڪور ڪرڻ سان اعتماد مليو آهي، مڪي آرٿر تمام گهڻي مدد ڪئي.

هن چيو ته ڪوشش ڪندس ته ليگ ڪرڪيٽ جي تجربي سان ٽيم کي فائدو ڏيان، ٽيم کان ٻاهر رهڻ واري عرصي بابت ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته اهڙو وقت به آيو جو لڳي پيو ته شايد وري ڪڏهن ملڪ جي نمائندگي نه ڪري سگهان، جنهن نمبر تي به موقعو مليو پرفارم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، جيڪا ٽيم جي گهرج هوندي ان نمبر تي وڃي بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندس، مان ڪڏهن به شڪايت نه ڪندس ته مونکي پنهنجي پسنديدا نمبر تي نه کيڏايو ويو.

ٽيسٽ اوپنر وڌيڪ چيو ته هنيئر تائين جنهن نمبر تي پرفارم ڪرڻ ناڪام ٿيس اهي منهنجون پنهنجون غلطيون هيون، ڪڏهن به ڪپتاني بابت ناهي سوچيو، ٽيم جي قيادت بهترين هٿن ۾ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.