” بالي ووڊ اداڪار سُشانت سنگهه کي قتل ڪيو ويو هو“

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ سپر اسٽار عامر خان جي ڀاءَ فيصل خان دعويٰ ڪئي آهي ته ٻه سال اڳ ممبئي ۾ پنهنجي فليٽ ۾ مئل حالت هٿ آيل اداڪار سُشانت سنگهه کي قتل ڪيو ويو هو.

پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ فيصل خان چيو ته منهنجي دعا آهي ته حقيقتون سامهون اچن، کيس خبر آهي ته اهو قتل آهي، ڪيس کلندو ته سڀ حقيقتون سامهون اينديون.

هن چيو ته سُشانت ڪيس جي ڪيئي جاچ ادارن جاچ ڪئي پر حقيقتون پوءِ به سامهون نه اچي سگهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.