بينڪن ڪريڊٽ ڪارڊ جو استعمال ڪري ڊالرز پرڏيهه موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيو

ڊالر جي ملهه ۾ روزانو واڌارو ٿي رهيو آهي ۽ حڪومت ڊالر جي ملهه کي ڪنٽرول ڪرڻ جي مسلسل ڪوشش ڪري رهي آهي، جڏهن ته ٻئي طرف بينڪن آمريڪي ڊالرز جي خريداري کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان کي ڪريڊٽ ڪارڊ جي ذريعي ٻاهرين ملڪ موڪلي رهيون آهن.

ڊان اخبار جي رپورٽ موجب گذريل ڏينهن ڊالر جو اگهه 236.84 رپي تي بند ٿي، جيڪا ان کان هڪ ڏينهن اڳ 235.88 رپين جي ڀيٽ ۾ ڇهانوي رپيا وڌيڪ هئي.

ڊالر جي مٽاسٽا واري ناڻي جي شرح تي مضبوط گرفت آهي، گهٽجندڙ مٽاسٽا ناڻي وارن ذخيرن ۽ وڌيڪ امپورٽ وچ ۾ ڇڪتاڻ هر روز وڌندي پئي وڃي.

اوپن مارڪيٽ گذريل ڏينهن ڊالر جو اگهه ٻه سو ايڪيتاليهه رپيا ٻڌائي جيڪا خيمس واري ڏينهن به هئي. ڪرنسي ڊيلرز چيو آهي ته ڊالر ۽ ٻين ڪرنسين جو ملڻ ڏکيو آهي ڇاڪاڻ ته گهرج وڌيڪ آهي.

ڪرنسي مارڪيٽ جي ماهرن چيو آهي ته اسٽيٽ بينڪ ۽ حڪومت جو اوپن مارڪيٽ مان ڊالر جي خريداري تي سخت ڪنٽرول آهي پر بينڪن ان جو رستو ڪريڊٽ ڪارڊ ذريعي ڳولي ورتو آهي.

چيئرمين ايڪسچينج ڪمپني ايسوسيئشن آف پاڪستان ملڪ بوستان چيو آهي ته هر هفتي بينڪن جي خريداري ويهه کان چاليهه لک ڊآلر هئي جيڪا تازو هڪ ڪروڙ ويهه لک تائين پهتي آهي.

اوپن مارڪيٽ مان هڪ عام ماڻهو جو پنج سو ڊالر کان وڌيڪ خريدڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي ويو آهي پر ان جو به رستو ملي ويو آهي، پرڏيهه وڃڻ وارا ماڻهو ملڪ کان في ماڻهو ڏهه هزار ڊالر تائين کڻي اچي سگهي ٿو جڏهن ته تازو ڪريڊٽ ڪارڊز جي گهرج به وڌي وئي آهي.

ملڪ بوستان چيو آهي ته هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته مسافرن لاءِ ڊالر جي حد اڌ ڪري پنج هزار ڊالر ڪئي وڃي، ان کانسواءِ ڪريڊٽ ڪارڊز تي هر مهيني ٻه هزار ڊالر خرچ ٿيڻ جي حد هجڻ گهرجي.

ڪرنسي ڊيلرز چيو ته حڪومت عالمي قرض ڏيندڙن کان قرض وٺي ۽ خرچ محدود ڪري، ملڪ جي مٽاسٽا واري ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ڪري جڏهن ته ڪريڊٽ ڪارڊز جي ذريعي بينڪن مان نڪرندڙ قرض انهن کي نقصان رسائي سگهي ٿي.

اسٽيٽ بينڪ جو زور آهي ته ڪا به پابندي نه لڳي جڏهن ته درآمد ڪرڻ وارن موجب اي سي (ليٽرس آف ڪريڊٽ) کولڻ آسان ناهي.

هڪ ايڪسپورٽ ڪندڙ چيو ته اهو ان لاءِ ڪيو پيو وڃي جو اسٽيٽ بينڪ در آمدي بل کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.