لينڊ سلائيڊنگ سبب 14 ڄڻا اجل جو شڪار

اولهه نيپال ۾ شديد برساتن سبب لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ 14 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ ست زخمي ٿي پيا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب نيپال جي اولهندي علائقي ۾ رڪارڊ مينهن وسيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ لينڊ سلائيڊنگ جي واقعن ۾ واڌ آئي آهي.

لينڊ سلائيڊنگ سبب ڏهه ڄڻا گم ٿي ويا آهن جن جي ڳولا جاري آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو اطلاع ملندي کي امدادي ٽيمون طرفان آپريشن شروع ڪيو ويو ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

اتنظاميا طرفان ڊيٽا شيئر ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته هن سال برساتن ۽ ٻوڏ سبب هيل تائين 48 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن جڏهن ته ڪيئي گم آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.