آرمي چيف جي مقرري نواز شريف جي صلاح سان ٿيندي!

 

گوجرانولا (ويب ڊيسڪ) توانائي بابت وفاقي وزير خرم دستگير دعويٰ ڪئي آهي ته شهباز شريف آرمي چيف جي مقرري جو فيصلو لنڊن ۾ نواز شريف جي صلاح سان ڪندو.

گوجرانولا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خرم دستگير چيو ته نيٽ ميٽرنگ جي نظام ۾ ڪا تبديلي نه پئي ڪئي وڃي، جن ماڻهن جي گهر سولر لڳل آهن، انهن لاءِ ڪا تبديلي ناهي، آڪٽوبر کان فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ ۾ گهٽتائي اچي ويندي.

آرمي چيف جي مقرري جي حوالي سان هن دعويٰ ڪئي ته وزيراعظم شهباز شريف آرمي چيف جي مقرري جو فيصلو لنڊن ۾ نواز شريف جي صلاح سان ڪندو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن عمران خان عوام جو سڄڻ آهي ته کيس خيرپور ناٿن شاهه وڃڻ گهرجي.

پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ تي مريم نواز جي اختلاف جي سوال تي خرم دستگير چيو ته مريم نواز پارٽي جي نائب صدر آهي، پارٽي ۾ اختلاف راءِ ضرور هوندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.