راڻا شميم پنهنجي حلفي بيان تان ڦري ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) توهين عدالت ڪيس ۾ گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم پنهنجي حلفي بيان تان ڦري ويو، هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نئون معافي نامو داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.

راڻا شميم ان کان اڳ هڪ معافي نامو جمع ڪرائي چڪو آهي جنهن کي عدالت تسليم نه ڪيو هو، راڻا شميم نئين معافي نامي ۾ حلفي بيان ۾ داخل لفظ واپس وٺي ڇڏيا آهن جنهن ۾ هن چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي فون تي گفتگو ٻڌي، جنهن ۾ ثاقب نثار هاءِ ڪورٽ جي جج کي نواز شريف ڪيس ۾ هدايتون ڏئي رهيو هو.

راڻا شميم طرفان جمع ڪرايل نئين معافي نامي جي متن موجب ڏهه نومبر ٻه هزار ايڪويهه وارو منهنجو حلفي بيان نه صحيح هو ۽ نه ئي ان جي ضرورت هئي، معزز جج جو نالو غلطي سان حلفي بيان ۾ ذڪر ڪرڻ تي شرمسار آهيان ۽ معافي گهران ٿو، حقيقت ۾ اها غلطي نه ٿيڻ گهرجي ها، حلفي بيان جو مڪمل ڪنٽنٽ واپس وٺان ٿو، هن عدالت کان غير مشروط معافي گهرندي چيو ته پاڻ کي عدالت جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيا ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.