موسمياتي آفتون ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي رٿا

تحرير: علي محمد ميمڻ

سنڌو ماٿريءَ واري اسانجي قديم وطن ۽ ملڪ ۾ سانوڻي يا مون سون جون برساتون جيڪي هميشه قدرت طرفان رحمت سمجهيون وينديون رهيون آهن، هن ڀيري اهي برساتون  اوچتو خطرناڪ قدرتي آفتن جي صورت ۾ ڪڙڪي پيون. ۽ تمام گهڻيون هاڃيڪار بڻجي ويون. هيڏين وڏين برساتن ۾ سموري ملڪ ۾ هيٺاهين وارو سنڌ صوبو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو، لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو ايراضي برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهه ڪارين جو شڪار ٿي وئي آهي. اقوام متحده  جي سيڪريٽري جنرل مسٽر گوتريس عالمي اداري جي سربراهه جي حيثيت ۾ چوڻ هو ته، دنيا جي شاهوڪار  ۽ صنعتي ملڪن وڌ ۾ وڌ ناڻو ۽ دولت ڪمائڻ جي لالچ ۾ ماحول کي زهريلو بڻايو آهي ۽ کين فضائن ۾ هاڃيڪار گئسن ۽ ڪاربن ڊاء آڪسائيڊ جي وڏي مقدار وڌائڻ سان قدرت جي نظام کي بگاڙڻ ۽ موسمياتي هاڃيڪارين جو کليو کليو جوابدار قرار  ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته.  شاهوڪار ملڪن دنيا کي تباهي جي خطرن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽ هنن پاڪستان جهڙي معصوم ملڪ کي ٻوڙڻ جو ڏوهاري قرار انهن کي ڏنو ۽ جوابدار ملڪن کان انهن نقصانن جو ازالو ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي آهي.  اهڙي قسم جي صورتحال ۾ قوم جي مدد ڪرڻ، برساتن ۽ ٻوڏ متاثرن جي سنڀال، بحالي ۽ سنڌ کي ڏڪار، معاشي بدحالي ۽ افراتفري کان بچائڻ اهم معاملن جي حيثيت ۾ اڀري سامهون اچي ويا آهن جنهن تي ملڪ جا سمورا محب وطن ۽ سنڌ جون ساڃهه وند ڌريون تمام گهڻيون فڪرمند آهن.

سنڌ انٽيل ايڪچوئل فورم طرفان، ملڪ ۾ موسمياتي تبديلن ۽ هاڻوڪين تباهي آڻيندڙ برساتن ۽ ٻوڏن جي هاڃيڪارين، متاثرن جي امداد، بحالي جي صورتحال ۽ سوالن جا جواب ڳولهڻ لاءِ ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل هال ۾ 15 سيپٽمبر تي سيمينار ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ميزبان ساڃهه وندن طرفان  سنڌ جي مسئلن ۽ انهن جي حل، بحالي ۽ مستقبل جي چيلنجز کي سمجهڻ ۽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري ڪرڻ، نين ۽ هنگامي حالتن ۾ قوم جي جياپي جي سوالن تي تمام قيمتي مذاڪرو منعقد ڪيو  ويو، جنهن ۾ سنڌ جي سمورين ڌرين پنهنجن خيالن جو ڀرپور نموني اظهار ڪيو ۽ هڪٻئي سان ويچار ونڊيا. سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي حڪمران جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر، صوبائي وزير سيده شهلا رضا خاص مهمان هئي،  سيمينار کي فورم جي صدر مسعود نوراني، محقق ۽ ليکڪ پروفيسر اعجاز قريشي، ماحوليات ۽ قدرتي آفتن بابت سول سوسائٽي جي ماهر اعجاز خواجا، جئي سنڌ محاذ جي چيرمين عبدالخالق جوڻيجو،  صحافي ۽ اديب  ڊاڪٽر ايوب شيخ، پ پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻ محترمه فيروزه لاشاري، پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي جي اڳواڻ مولابخش چنڊ، فورم جي اڳواڻن غلام اڪبر ملڪ،  محمد يونس مهر خطاب ڪيو.

هن ميڙاڪي ۾ تمام اهم نقطن تي تحقيقي انگ اکر پيش ڪيا ويا ۽ دنيا ۾ ٿيندڙ موسمياتي تبديلن، برساتن ۽ ٻوڏن جو شڪار ٿيندڙ سنڌ جي ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن جي امداد، بحالي جي معاملن ۽ ايندڙ وقت ۾ ٿيندڙ موسمياتي هاڃيڪارين کان بچاءَ لاءِ انتظامن جي حوالي سان تمام اهم خطاب ڪيا ويا، حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي ۽ حڪومت، سياسي ۽ سماجي ڌرين جي ڪاوشن ۽ ڪمن کي منظم ۽ سگهارو بنائڻ جي طريقن تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ ايندڙ وقت جي حالتن کان خبردار رهڻ لاءِ گڏيل ۽ ڌار ڌار رٿا بنديون ڪرڻ جو جائزو ورتو ويو.

سيمينار کي خطاب ڪندي خاص مهمان سيده شهلا رضا جو چوڻ هو ته، سنڌ ۾ برساتون موسميات کاتن جي اڳڪٿين ۽ دنيا جي ادارن جي اعلانن کان ڇهوڻيون  يا 600 سيڪڙو وڌيڪ ٿيون آهن،. جنهن سان سموري ملڪ ۾ ساڍا 3ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته سنڌ صوبو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي جتي سنڌ جو 90 سيڪڙو علائقو برساتن ۽ ٻوڏن جو شڪار ٿيو آهي. سنڌ صوبو جيئن ته ملڪ جو سڀ کان هيٺاهين، درياهن ۽ سيلابن جو قدرتي طور مرڪز بنيل آهي انڪري هميشه سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿئي ٿو ۽ هن ڀيري هو سڀ کان وڌيڪ نقصانن جي ور چڙهيل آهي ۽ صوبي جا ڏيڍ ڪروڙ ماڻهو متاثر آهن ۽ انيڪ مشڪلاتن جو شڪار آهن. شهلا رضا جو وڌيڪ چوڻ هو ته،  سنڌ سرڪار کي هن وقت تائين نه دنيا جي ڪنهن ملڪ جي ڪا امداد پهتي آهي ۽ نه ئي حڪومت جي خساري واري بجيٽ ۾ ايتري سگهه آهي جو گهڻو ڪجهه ٿي سگهي تنهن هوندي به محدود وسيلن، خيراتي ادارن ۽ ساڃهه وندن جي مدد سان  ڪراچي شهر ۽ پسگردائي جي علائقن  ۾ ٻوڏ متاثر خاندانن جي وڌ ۾ وڌ مدد ۽ سنڀال ڪئي پئي وڃي، هو ڪراچي ۾ اسان جا مهمان آهن ۽ سنڌ جي سمورن ضلعن، ڳوٺڻ ۽ شهرن ۾سندن سنڀال ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي ۽ ان ڏس ۾ ڊپٽي ڪمشنرز، حڪومتي ادارا ۽ عملو بنا ڪنهن مشهوريءَ جي پنهنجا فرض ادا ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته قدرتي آفتن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻارڙا ۽ عورتون مشڪلاتن جو شڪار ٿين ٿيون ۽ سندس اولين ڪم عورتن ۽ ٻارڙن جي وڌ ۾ وڌ مدد ڪرڻ آهي جنهن لاءِ هو 2010ع واري ٻوڏ وانگر هن وقت ۾ به راتين جو به ڪئمپن ۾ وڃي کين ضروري سامان  پهچائڻ لاءِ رضاڪارن سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي. جڏهن ته وفاقي حڪومت جي سطح تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دنيا کان وڌ ۾ وڌ سهڪار حاصل ڪرڻ ۽ سنڌ جي ٻوڏ متاثرن کي گهر مهيا ڪرڻ واري رٿا تي ڪاميابي سان ڪم ڪري رهيو آهي، متاثرن کي گهر تعمير ڪري ڏنا ويندا ۽ هن وقت 26 هزار گهر تعمير ڪرڻ واري رٿا شروع ڪرڻ وارو معاهدو ٿيڻ وارو آهي.

موسميات ۽ قدرتي آفتن جي تحقيقي اداري جي محقق  اعجاز خواجا جو پنهنجي خطاب ۾ چوڻ هو ته دنيا جي گولي جي چوڦير ٿيندڙ  وڏي پيماني تي موسمياتي تبديلن واري صورتحال سموري دنيا کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي، قدرت جي قانون ۽ موسمياتي توازن جي پيدا ٿيل بگاڙ جو ايندڙ وقت ۽ سالن ۾ سموري دنيا شڪار ٿيڻ وڃي رهي آهي. هن دنيا جي تحقيقي مرڪزن ۾ ٿيل تحقيق جا حوالا ڏيندي چيو ته، 2030 ع تائين دنيا ۾ تمام وڏيون موسمياتي هاڃيڪاريون  ٿيڻ واريون آهن جنهن سان سمنڊ ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ سان هندي وڏي سمنڊ ۾ موجود ٻيٽن تي مشتمل ملڪ مالديپ ٻڏڻ ڪري دنيا جي نقشي تان غائب ٿي ويندو . هن چيو ته، گذريل سال يورپ جي ٿڌن ۽ برفاني ملڪن ۾ به پهريون ڀيرو گرمي پد حيرت انگيز نموني ايترو ته وڌي ويو جو ان اسان جي سڀ کان گرم علائقن سبي ۽ جيڪب آباد جا رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ به گرمي پد 55 ڊگري سيلسس تائين وڃي پهتو، جنهن سان وڏي تعداد ۾ انهن ملڪن ۾ ماڻهو مري ويا ۽ هزارين اسپتالن ۾ داخل ڪرڻا پيا.

هاڻي ايندڙ سالن ۾ اهو گرمي پد وڌڻ ۽ موسمياتي هاڃيڪارين ۽ برساتن وڌڻ جا خطرا لڳاتار وڌي رهيا آهن. مسعود نوراني جو چوڻ هو ته، وفاق کان سنڌ جي وسيلن جو 73 سالن جو حساب ڪيو وڃي، هن سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي ته پنهنجي صوبي جي وسيلن مان وفاق کي ڏنل  70 لک ارب رپين جي واپسي جي گهر ڪئي وڃي . هن جو چوڻ هو ته. سنڌ ۽ سنڌي قوم پاڪستان کي ٺاهيو ۽ سنڌي سڀ کان وڌيڪ محب وطن ۽ حقدار قوم آهن، 40 لک افغانين ۽ ٻين پرڏينهن کي ملڪ مان بنادير نيڪالي ڏني وڃي ۽ سنڌ جا وسيلا سنڌ تي خرچ ڪيا وڃن.  پروفيسر اعجاز قريشي پنهنجي خطاب ۾ سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي ته هوءَ سنڌ ۾ هيڏين وڏين برساتن ٿيڻ کان باخبر ڇو نه هئي ۽ انهن سنڌ صوبي کي نقصانن کان بچائڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ۽ هاڻي برساتن ۽ ٻوڏ متاثرن جي مدد ۽ بحالي لاءِ ڪهڙا ڪم ڪري رهيا آهن. پروفيسر اعجاز قريشي جو چوڻ هو ته سنڌ جي عوام جي مدد ۽ بحالي سنڌ سرڪار جو فرض آهي اهو هر قيمت تي کين ادا ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.