گهوٽڪي ۽ سکر ۾ برسات تباهه ڪاريون، جدوجهد جو اعلان

خانپورمهر ( ن ع آ ) گهوٽڪي ۽ سکر ضلعن جي ڇهن تعلقن مان گذرندڙ ڪارو نارو جي برسات دوران تباهڪارين کانپوءِ گهوٽڪي ضلعي  جي سماجي تنظيم وليج ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران متاثر ماڻهن تي مڪمل ڪاميٽي جوڙي گڏيل جدوجهد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ سماجي تنظيم وليج ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي اڳواڻ علي حسن مهر پاران سارنگ ڪلادي، مسمات حاڪم زادي ۽ فقير محمد مهر سان گڏ خانپورمهر پريس ڪلب ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪارو نارو نيڪالي نظام جيڪو پراڻو هاڪڙو جي نالي سان منصوب هو، هن چيو ته دريائي بندن کانپوءِ سم نالو (ڪارو نارو) جيڪو گهوٽڪي ضلعي جي ٽن تعلقن ميرپورماٿيلو، گهوٽڪي ۾ خانڳڙھ ۽ سکر ضلعي جي ٽن تعلقن پنو عاقل، روهڙي ۽ صالح پٽ اندر 84 ڪلو ميٽرن تائين 270 آر ڊيز تي مشتمل آهي جيڪو نارا ڪئنال ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. ڪارو نارو ٻنهي ضلعن جي 3 لک آبادي ۽ لکين ايڪڙ زراعت کي برباد ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.