عبدالله شاهه غازي ڳوٺ جا متاثر حقن لاءِ سراپا احتجاج، 59هين به مظاهرو، سياسي سماجي اڳواڻ شريڪ

گلشن اقبال ( ن ع آ) ڪراچي عبدالله شاھ غازي ڳوٺ اي بلاڪ جي رھواسين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن طرفان 59 ڏينھن بـ قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ آڏو احتجاج جاري رکندي بلڊر مافيا پوليس  ۽ اينٽي انڪروچمينٽ عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ عبدالله شاھ غازي ڳوٺ جي رھواسين مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن الطاف ميمڻ محمد رمضان بروھي اشفاق عباسي لالا شبير پٺاڻ ۽ ٻين چيو تـ اسان جي قديمي غازي ڳوٺ کي مسمار ڪندڙ بلڊر خالد يوسفي مرتضي’ کوسو اسڪيم 33 گلزار ھجري جو اڳوڻو اسسٽنٽ ڪمشنر نديم کوکر مختيار جليل بروھي تپيدار عاشق تنيو ۽ پوليس عملدارن خلاف ھن وقت تائين سنڌ سرڪار طرفان ڪا بـ اثرائتي ڪاروائي نـ ٿي سگھي آھي اسان جا گھر ڊاھي ڪروڙين رووين جو نقصان ڪندڙ ڪارواين کان آجا بڻيل آھن جڏھن تـ اسان انصاف لاء مسلسل 59 ڏينھن کان احتجاج تي ويٺل آھيون مگر ڏک ۽ افسوس جو مقام آھي جو اسان جي مسلسل انصاف جي حاصلات لاء جائز ٿيندڙ احتجاج جو اقتدار ڌڻين طرفان ڪو بـ نوٽيس ناھي ورتو ويو آھي ھنن چيو تـ اسان سان انصاف ڪري اسان جا اجھا مسمار ڪندڙ بلڊر مافيا پوليس ۽ روينيو عملدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.