مٽياري: مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو بااثر ڪمدار جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

مٽياري ويجھو ڳوٺاڻن پاران بااثر ڪمدار جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ديهه ستر جي مختلف ڳوٺن جي رهواسين خدا بخش، صدام، گلاب کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ڳوٺاڻن ميڊيا آڏو الزام مڙهيندي چيو ته بااثر ڪمدار پنهنجي زميندار جي زرعي زمينن مان مينهن جو پاڻي ڪڍي هنن جي ڳوٺن ڏانهن ڇوڙ ڪري رهيو آهي.

هنن چيو ته سندن ڳوٺ پهريون ئي برساتن سبب تباهه ٿي ويا آهن، ويتر پاڻي ڇوڙ ڪرڻ سان ٻڏڻ جو خدشو آهي.

ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته بااثر ڪمدار جي زيادتين جو نوٽيس وٺي ڳوٺ ٻڏڻ کان بچايا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.