غوثپور: هڪ ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل ٻن ڄڻن جي بازيابي لاءِ وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

غوثپور ويجھو مغوين جي بازيابي لاءِ وارثن پاران انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو.

مغوين جي وارثن ڳوٺ واحد بخش بجاراڻي وٽ مين انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

ان موقعي تي مغوين جي وارثن جو چوڻ هو ته هڪ ڏينهن اڳ اڻڄاتل هٿياربند هادي بخش ۽ الله بخش ٽانوري کي اغوا ڪري ويا آهن پر پوليس سندن بازيابي لاءِ ڪک ڀڄي ٻيڻي ناهي ڪيو.

هنن الزام هڻندي چيو ته پوليس مغوين کي بازياب ڪرائڻ بدران حد بندي جو جواز ڄاڻي قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي، جيڪا ساڻن ناانصافي آهي.

مغوين جي وارثن آءِ جي سنڌ پوليس کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي هادي بخش ۽ الله بخش بازياب ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.