آصف علي کي ٽيم ۾ خاص رول مليل آهي: رميز راجا

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته پاڪستان وٽ دنيا جا بهترين فاسٽ بالر آهن، ڪرڪيٽ ۾ فٽ بال جيان سائيڊ لائين سان گيم کي ڪنٽرول نٿو ڪري سگهجي.

رميز راجا چيو آهي ته جيستائين رانديگر پاڻ سمارٽ نه هوندو ڪاميابي حاصل نٿو ڪري سگهي، آصف علي ڏکين حالتن ۾ پاڪستان کي سوڀ حاصل ڪرائي آهي، آصف علي کي هڪ خاص رول ڏنو ويو آهي

چيئرمين پي سي بي رميز راجا چيو ته ڪپتان جن رانديگرن کي ميچ ونر سمجهندو آهي ان کي قبول ڪرڻ گهرجي، ٽيم گذريل ٻارنهن مهينن ۾ جيڪا ڪارڪردگي ڏيکاري آهي اها بهترين آهي

هن چيو ته پاڪستان جي سوڀ جو وڏو ڪارڻ سندن مضبوط اوپننگ جوڙي آهي، ٽيم هڪ پلان تحت هلي ٿي، ان پلان تحت مڊل ۾ دٻاءُ پوندو آهي، رن ريٽ وڌي ويندو آهي جڏهن ته ميچ جا نتيجا اهي آهن ته ٽيم ان پلان سان سوڀ حاصل ڪندي آهي

رميز راجا چيو ته هو به چاهيندو آهي ته آسٽريليا جهڙي بيٽنگ لائين هجي جيڪا هر بال تي ڇڪو چوڪو هڻي، پر هو پنهنجي ٽيم جي اسٽائل کي بيڪ ڪندو، پاڪستاني ٽيم ٻين لاءِ مثال به آهي ته اهڙي پلان سانميچز کٽي سگهجن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.