افغان طالبان ۽ بندش پيل ٽي ٽي پي بابت مصطفيٰ نواز کوکر وڏا انڪشاف

پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر افغان طالبان ۽ بندش پيل ٽي ٽي پي بابت وڏو انڪشاف ڪري ڇڏيو.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ پ پ اڳواڻ چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ( اين ايس سي ) اجلاس ۾ هڪ اعليٰ عهديدار خيال ظاهر ڪيو هو ته افغان طالبان پاڪستان کان ڀتي ۽ ٻين ذريعن جي صورت ۾ ساليانو ويهه ڪروڙ ڊالر حاصل ڪن ٿا.

مصطفيٰ نواز کوکر سوال اُٿاريندي  چيو ته ڇا بندش پيل ٽي ٽي پي جا هٿ افغان طالبان سان جڙيل ناهن؟

پ پ اڳواڻ چيو ته اسان جي فوجين ۽ شهرين جي قتل ۾ سندن ڳٺ جوڙ کي نظرانداز ڇو ڪيون؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.