سرڪاري ملازمن جي پگھارن مان ڪٽوتي جي منظوري

پشاور (ويب ڊيسڪ) سرڪاري ملازمن جي پگھارن مان ڪٽوتي جي منظوري ڏني وئي آهي.

خيبرپختونخواهه صوبي جي وڏي وزير محمود خان فلڊ رليف فنڊ لاءِ سرڪاري ملازمن جي پگھارن مان ڪٽوتي جي منظوري ڏئي ڇڏي.

خيبرپختونخواهه جي ناڻي واري کاتي موجب وڏي وزير، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ وزيرن سوڌو صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي هڪ مهيني جي پگھار ڪٽي ويندي.

ناڻي واري کاتي ٻڌايو ته گريڊ 17 کان گريڊ 22 تائين جي سرڪاري ملازمن جي 5 ڏينهن جي پگھار فلڊ رليف فنڊ ۾ جمع ڪئي ويندي جڏهن ته گريڊ 3 کان گريڊ 16 تائين جي ملازمن جي 2 ڏينهن جي پگھار فنڊ ۾ شامل ڪئي ويندي.

ناڻي واري کاتي موجب هي سمورا حڪم صوبائي حڪومت جي انتظام هيٺ خودمختيار ۽ پبلڪ سيڪٽر اداري جي ملازمن تي به لاڳو ٿيندا جڏهن ته سرڪاري پروجيڪٽ ملازم، ڪانٽريڪٽ ملازم ۽ ڪنسلٽنٽس جي پگھارن مان به ڪٽوتي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.