عوام جو اعتماد حاصل ڪيئن ڪجي؟

دنيا مان حڪومتون عوام جو اعتماد ۽ پنهنجي ساک ان وقت وڃائي ويهنديون آهن جڏهن انهن حڪومتن ۾ ڪرپشن جو رجحان وڌڻ لڳندو آهي، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ انقلابن اچڻ جو سبب پڻ ڪرپشن جو وڌڻ ڄاڻايو ويندو آهي، خاص طور انهن ملڪن ۾ جن ملڪن اندر غير جمهوري حڪومتون اقتدار ۾ اينديون آهن تڏهن ڊڪٽيٽرشپ جا اهي مڙئي روپ ظاهر ٿيڻ لڳندا جيڪي مختلف فلاسافين ۾ بيان ڪيا ويا آهن.

هن ملڪ جو الميو اهو آهي ته هتان جي عوام ڊڪٽيٽرشپ جا اهي مڙئي روپ ملڪي تاريخ ۾ عملي طور نه صرف ڏٺا آهن پر ڀوڳيا پڻ آهن، اهڙين ڊڪٽيٽرشپن هيٺ هلندڙ حڪومتون الڳ الڳ وڻندڙ نالن ۾ هن ملڪ ۾ اهو ئي ڪردار ادا ڪنديون آهن جيڪو ڪنهن به ڊڪٽيٽرشپ جو هڪ روپ هوندو آهي.

پر اهي ملڪ اهڙي الزام کان آجا آهن، جيڪي بنيادي طور نه صرف جمهوري قدرن تي حڪومتون جوڙيندا آهن پر اهي حڪومتون پنهنجي مقصدن کي ڪڏهن به وسارينديون آهن، اها جمهوريت بنيادي حق پنهنجي عوام کي ڏيئي پنهنجي ساک سالن تائين برقرار رکندي ايندي آهي جنهن سبب جمهوريت جا بنياد مضبوط رهندا آهن.

هن ملڪ ۾ اهي حڪومتون جن جا مقصد ۽ متا توڻي بنياد جمهوري قدرن تي جڙيل آهن انهن سان الميو اهو رهيو آهي، انهن کي جڏهن اقتدار ملندو آهي ته اهي حڪومتون پنهنجا بنيادي مقصد وساري ويهنديون آهن، اهي پنهنجي عوام کي اهي حق ڏيڻ کان قاصر رهجي وينديون آهن جنهن ڪري اهي گهڻي ڀاڱي پنهنجي عوام جو اعتبار ۽ پنهنجي ساک وڃائي ويهنديون آهن ۽ اهڙين حالتن مان فائدو اهي ڌريون وٺنديون آهن جيڪي پنهنجي بنياد ۾ غير جمهوري کان وڌيڪ ڊڪٽيٽر هونديون آهن.

تازين برساتن ۽ ٻوڏن ۾ اهڙو ڪجهه نه فقط وفاقي سرڪار سان ٿي رهيو آهي، پر سنڌ حڪومت سان پڻ ٿي رهيو آهي جيڪو چٽو ڏسجي پڻ رهيو آهي، حڪومتون ڪي ٻيا شخص هلائي رهيا آهن ۽ اختيار ڪن ٻين شخص وٽ سوگها آهن، جنهن سڀ کي وائکو ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جيئن جو تيئن قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي پر سنڌ حڪومت جا خود ايندڙ بيان اهو واضح ڪري رهيا آهن ته هوءَ هنن ڏکوئيندڙ حالتن ۾ حڪومتي طور بيوس بڻيل آهي، وس وارا ڪي ٻيا آهن. جيڪا ڳالهه سنڌ جي وزيراعليٰ جي تازي بيان مان پڌري ٿي رهي آهي.

ملڪ جي ميڊيا سمورن تفصيلن سميت اهو ٻڌائي رهي آهي ته ڪهڙي ملڪ مان ڪيتري مدد ٿي رهي آهي، جڏهن ته سنڌ جو وڏو وزير چئي رهيو آهي ته آيل امداد مان اسان کي يعني سنڌ کي ڪجهه نه ملي رهيو آهي، اهڙين ڳالهين تي عوام ۾ ڪو ردعمل پيدا ٿئي ان کان پهرئين سنڌ جي وڏي وزير کي پنهنجي صفائي جيئن به بيان ڪرڻي آهي، وفاق جو سنڌ سان رويو، ٻين ڌرين جي سنڌ ڏانهن همدردي ۽ دنيا مان ايندڙ امداد وفاق ڪيئن ۽ ڪٿي استعمال ڪري رهيو آهي، ان جي وضاحت ميڊيا معرفت سڌو سنئون سنڌ جي عوام جي آڏو ظاهر ٿيڻ گهرجي ۽ ايندڙ امداد توڻي ان جي استعمال جي چٽائي سنڌ جي عوام آڏو پڌري ڪري، کيس جيڪي ڪن به ادارن پاران توڙي وفاقي حڪومت پاران رڪاوٽون سامهون اچي رهيون آهن انهن جي چٽائي پڻ ميڊيا آڏو روز جي حساب ٻڌائيندو رهندو ته هو سڌو سنئون ماڻهن کي اعتماد ۾ به وٺي سگهندو ۽ پنهنجي حڪومتي توڙي شخصي شفافيت پڻ واضح ڪري سگهندو.

ائين ڪرڻ سان عوام ۾ خاص ڪري سنڌ جي ماڻهن ۾ نه فقط سندس شخصي وقار وڌندو پر سنڌ حڪومت جي شفافيت به سامهون ايندي رهندي، ته سنڌ کي ملندڙ عالمي امداد مان ملندڙ حصي جو پتو پوندو رهندو، ساڳئي وقت ملڪي سطح تي نه صرف امداد ۾ ٿيندڙ هٿ چراند آڏو ايندي پر جمهوريت ۽ جمهوري قدرن سان ٿيندڙ هٿ چراند پڻ عوام جي سامهون ايندي رهندي، ان ڪري هڪ فائدو اهو ٿيندو حڪومت پاران ٿيندڙ ڪرپشن واري الزام کان پڻ حڪومت ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهندي، ايئن حڪومت پنهنجي جمهوري ساک عوام ۾ بحال ڪرائي وٺندي، ممڪن آهي ته ڪن ٻين طريقن سان جمهوريت جي نالي تي اندروني طور راتاهي هڻڻ جون ڪوششون ٿينديون هجن جيڪڏهن ڪنهن به جمهوريت هيٺ هلندڙ حڪومت جي ساک نه رهندي آهي ته حڪومت جي ساک خراب ٿيڻ مان فائدو غير جمهوري قوتون ئي وٺنديون آهن.

سنڌ جو عوام جيئن ته جمهوريت تي نه فقط يقين رکندڙ رهيو آهي پر ان جمهوريت لاءِ قربانيون به ڏنيون آهن ان ڪري هو ڪنهن به غير جمهوري طريقي خلاف مزاحمت به ڪري سگهي ٿو ته جمهوري قدرن جي بچاءَ لاءِ قرباني به ڏئي سگهي ٿو.

سنڌ حڪومت لاءِ پنهنجي وڃايل ساک کي بحال ڪرائڻ جو هيءَ اهم وقت آهي، سنڌ جو ماڻهو جنهن بيوسيءَ ۾ ڦاٿل آهي، ان کي حڪومت پاران هن وقت سڀني حوالن ۾ مدد جي گهرج آهي، سنڌ جي عوام کي هن گهڙي هر طرح مدد ڪرڻ حڪومت جو فرض آهي هوءَ پنهنجو فرض نڀائي سنڌ جي ماڻهن جو اعتماد حاصل ڪري پنهنجي ساک کي بچائي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.