سنڌ جو پهريون سوشلسٽ صوفي شاه عنايت شھيد

طفيل مگسي

صوفي شاه عنايت شھيد جو گڏيل پوکي راهي وارو تجربو وڏو ڪامياب ثابت ٿيو.۽ تر جا هاري ناري به سندس تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ شروع ٿيا.بس اهائي تحريڪ جي مقبوليت هئي جنهن زميندارن جا ترا ڪڍي ڇڏيا ۽ ھنن صوفي صاحب جي باري ۾ ٺٽي جي صوبيدار کي شڪايت ڪئي .پر ڇاڪاڻ ته صوفي صاحب جي زمين گذرسفر جي زمين هئي.۽ صوييدار جو ان تي ڪو اختيار نه هو.ان ڪري صوبيدار ته ان سلسلي ۾ ڪجهه نه ڪري سگهيو پر  هن زميندارن کي هن ڳالهه جي اجازت ڏني ته اهي پاڻ جهڙي ريت چاهين صوفي صاحب کي روڪين.زميندارن وجهه وٺي جهوڪ جي وسندي تي حملو ڪري ڏنو پر انهن کي شڪست نصيب ٿي.

صوفي صاحب جي فقيرن وڏي بهادري سان زميندارن جو مقابلو ڪيو.اهو اهڙو وقت هو جڏھن فرخ سير دهلي جي لال قلعي ۾ ترسيل هو.ان کي جڏھن سنڌ ۾ جاري ان ڇڪتاڻ جي پروڙ پئي ته ان ٺٽي جي صوبيدار مير لطف علي خان کي تبديل ڪري نواب اعظم خان کي مقرر ڪيو.اها 1746ع جي ڳالهه آھي.نيئن صوبيدار جي آمد مقامي زميندارن جي لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ نه هئي.جيتوڻيڪ هنن اعظم خان کي پنهنجو ڪري ورتو.نواب اعظم خان جي طرف کان صوفي صاحب کي تنگ ڪرڻ جي شروعات ڪئي.ان کان ڍل جي نالي تي زبردستي رقم گهري وئي ۽ صوفي صاحب جي انڪار تي ان بادشاه کي صوفي صاحب جي شڪايت لکي ۽ فرخ سير صوفي صاحب جي خلاف آرڊر حاصل ڪري ورتو.اعظم خان مقامي زميندارن کان مدد گهري ۽ جهوڪ تي حملو ڪري ڏنائين.

جهوڪ جا فقير پرامن انسان هئا.هنن گڏيل زراعت جو تجربو ضرور ڪيو هو مگر انهن جي وسندي ڪنهن فوجي ڇانوڻي جي حيثيت نه رکندي هئي.صوفي صاحب جي فقيرن وسندي جو وڏي بهادري سان دفاع ڪيو ۽ جڏھن اعظم خان ڏٺو ته هينئر ان جي فقيرن کي شڪست ڏيڻ ممڪن ناهي ته هن ان وسندي جو گهيرو ڪيو.چئن مهينن جي گهيراءُ کانپوءِ صوفي صاحب کي ٺاھ جو پيغام موڪليو ويو.صوفي صاحب ان پيغام کي قبول ڪيو. پر جڏھن هو ٺاهه تي صحيون ڪرڻ جي لاءِ نواب اعظم خان جي خيمي ۾ پهتو ته هن کي گرفتار ڪيو ويو.جهوڪ جي فقيرن تي ڀرپور حملو ڪيو ويو .انهن جو قتل عام ٿيو.انهن جا گهر ساڙيا ويا.جهوڪ جي تباهي کانپوء اعظم خان صوفي شاه عنايت کي درٻار ۾ گهرايو جتي نواب اعظم خان ۽ صوفي صاحب ۾ اهو بحث ٿيوجيڪو تاريخ جي ڪتابن ۾ لکيل آھي.۽ جنهن کان صوفي صاحب جي باغي ۽ مزاحمتي مزاج کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.صوفي صاحب اعظم خان جي هر سوال جو جواب ڏنو ۽ اعظم خان کي لاجواب ڪري ڇڏيائين.جنهن جو انجام اهوئي ٿيو جيڪو ٿيڻو هو .اهو هي ته صوفي شاه عنايت کي 7جنوري 1718ع ۾ شھيد ڪيو ويو.

صوفي شاه عنايت جي تحريڪ ارڙھين صدي جي ٻيئي ڏھاڪي ۾ سامهون آئي.اها ڳالهه ذڪر جي قابل آھي ته جهو ڪ جو قضيو آڪٽومبر 1717ع ۾ .يعني آڪٽومبر 1917ع جي روسي انقلاب کان پوڻا ٻه سو سال اڳ جو آھي.اڄ جڏھن ته روسي انقلاب  جي نتيجي ۾ اچڻ واري رياست يعني سوويت يونين کي به وکرندي ويه ٻاويه سال ٿي چڪا آھن.ڪن عالمي ڌرين ۾ اهو تجربو بحث جي هيٺ آھي ته شايد سوويت يونين جو انقلاب به وقت کان اڳ جو هو.اسان هن وقت سوويت انقلاب جي وقت تي اچڻ يا نه اچڻ تي ته ڳالهه ناهيون ڪري رهيا پر سوچي سگهجي ٿو ته جيڪڏھن 1717ع ۾ برصغير جي هڪ ننڍڙي علائقي ٺٽي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جهوڪ ۾ ڪيل وقتي تجربو ڪيئن وقت کان اڳ جو نٿو ٿي سگهي.

صوفي شاه عنايت جون لازوال ۽ بي مثال خدمتون تاريخ جو حصو بڻجي چڪيون آھن.ان کان ڪافي سبق به حاصل ڪري سگهجن ٿا ۽ پاڻ تصوف جي باب ۾ ڳالهه ٻولھه ڪرڻ وقت صوفين جي ڪمن ۽ صوفي صاحب جي حوالي سان خاص روشني وجهي سگهجي ٿي ته تصوف صرف توڪل جو نالو ئي ناهي بلڪ اهو انصاف جي حاصلات ۽ گڏيل جدوجهد جي مقصدن سان به جڙي سگهي ٿو.اهو سوچڻ گهرجي ته جيتوڻيڪ اڄ اسان ماضي جي ڪنهن سماجي يا فڪري نظام کي جيئن جو تيئن اڄ جي دنيا ۾ واپس ته نٿا آڻي سگهون .مگر اسان ماضي جي انهن نظامن کان سبق حاصل ضرور ڪري سگهون ٿا ۽ انهن منجهان اهڙي روشني وٺي سگهون ٿا ته جيڪا اسان کي اڄ جي هن ڇڪتاڻ.بربريت ۽ وحشيت ڀري زندگي ۾ حق ۽ سچ جو رستو ڏيکاري سگهي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.