هيءَ قوم نڌڻڪي ناهي …. ويلڊن شبير شر

حميده گهانگهرو

آخر انتها هڪ اهڙو تاثر آهي جنهن ۾ برداشت جون سڀ لڪيرون ڊهي پوءِ بغاوت جي شروعات عملي قدم کڻڻ سان شروع ٿيندي آهي. 1942ع جي ٻوڏ، 1971ع جي ٻوڏ، 2010ع جي ٻوڏ ڪيترو ڀوڳيو، ڪيترو وڃايو. موهن جي دڙي جي ماڻهن وانگر بار بار ٻڏندي وري ڪر کڻي دڙي جي سڃاڻپ کي قائم دائم رکيو اِها هئي مهذب يافته سنڌي جرائت مند بهادر سڃاڻپ رکڻ واري قوم انهيءَ قوم جو تسلسل اڄ جي سنڌي قوم جڏهن پنهنجي سڃاڻپ تهذيب ثقافت سان ڀيٽا ڪندي آهي ته اهو لفظ سندن زبان تي اڪري ايندو ته اسين پنج هزار سال پراڻي تهذيب جا وارث آهيون.

اڄ جي ترقي يافته دور ۾ جيئن موهن جي دڙي جي باقي سڃاڻپ جي آثارن کي لتاڙيو، چيڀاٽيو ٿو وڃي ائين ئي بلڪل سندس تسلسل جي سنڌي سٻاجهڙن کي لڙهندي، ٻڏندي، مرندي ڏسي به وقت جي حاڪمن علائقي جي ذميدارن کي پنهنجي ذات جي خواهشن اڳيان پيٽ بکايل قوم نظر نٿي اچي جو هيترن ڏينهن، مهينن کان پوءِ به برسات متاثر پنهنجو الهه تلهه ته ٻڏندي ڏسي رهيا هئا. پر هاڻي بکايل پيٽ بيماري ۽ مفلسي ۾ واجهائيندي ڪا به واهر نه ڏسي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن. هيءُ زرعي، صنعتي ملڪ ڪنهن به ڏکي وقت ۾ جهول جهلي هٿ ٻڌي آڌر ڀاءُ ڪرڻ وارا ڌرتي ڌڻي بي وسي ۾ واجهائين ٿا. جت ثقافت جون خوبصورت رليون کٽن تي وڇائي ايندڙن جي آجيان ڪري ويهاريو ويندو هو مانُ وڌائڻ لاءِ سندن ڪنڌ ۾ اجرڪ گلن جي لڙهي وانگر پارايو ويندو هو. اڄ انهن کٽن تي بي يارو مددگار لاش رکيا ٿا وڃن، مائرون، ڀينرون پنهنجي مٿن تان پوتيون لاهي پنهنجي پيارن کي آخري سفر تي وڃڻ کان اڳ ڍڪين ٿيون.

اي وقت جا رکوالو! هيءُ سڀ ڪجهه اوهان جي اکين اڳيان ڇو ٿو اوجهل ٿي وڃي؟ اهڙي وقت لاءِ  شاهه ڀٽائي چيو آهي.

ستا اُٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري.

بلڪل ائين ئي ٿيو آهي، شبير شر جڏهن شاگرديءَ جو دؤر هئس ته نظرياتي، انقلابي سوچ انسانن جي ڏک سور کي پنهنجي درد ۾ شامل ڪري بهترين ڪميونسٽ نظريي سان وچن نڀائيندي نذير عباسي کي پنهنجي آدرشن جو اڳواڻ سمجهي، سخت کان سخت مارشل لا دؤر ۾ سزا ڀوڳي. 7 سال جيل جي سزا سندس انقلابي سوچ لاءِ هڪ اهڙي ڊگري ثابت ٿي جو ڪنهن به مهل انسانن سان ٿيندڙ ويساهه گهاتي ۾ انصاف وٺڻ لاءِ ورق اٿلي پون ٿا. جيل جي آزاديءَ کانپوءِ معاشي مسئلن کي منهن ڏيڻ ۽ نظريي کي سجاڳ رکڻ لاءِ عوام سان جيئن جڙت رهي، صحافت جو قلم کنيو، انهيءَ دوران پنهنجي اڌوري تعليم کي مڪمل ڪري انصاف، آئين ۽ قانون کي اپنايو. ڇاڪاڻ جو سندس ضمير ۾ انصاف لاءِ جاکوڙ جي سُتي پيتل هئس.

اڄ جڏهن ڌرتي ڌڻي پنهنجي پورهئي ۽ محنت سان جڙيل اجها نه بچائي سگهيا، ڪن وڃي واريءَ جي دڙن تي پناهه ورتي ته ڪن ڪنڊن پاسن جي سڪل ڌرتيءَ تي وڃي جهڙالي آسمان هيٺان ويهي ٻاڏايو. ڌرتيءَ تي وهندڙ پاڻي ۽ نيري آسمان کي ڍڪيل ڪارا ڪڪر هر وقت کين ڊپ ۾ مبتلا ڪيو ويٺا آهن. وچ جي ويٺل انسانن جي مدد لاءِ ڪير اچي. اهڙي صورتحال ۾ شبير شر ڳوٺن جي ٻڏندڙ تصويرن کي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪندي آخر ڪاري ڪوٽ کي ڪلهي ۾ پائي عدالت جو در کڙڪائڻ جو آواز بلند ڪيو آهي. شيخ اياز چيو آهي.

سسئي تنهنجو سڏ، ڪلهي پاتل ڪينرو …

آخر برداشت ۽ صبر جا ڪي دائرا آهن. هيءَ قوم امن پسند، صوفين، ولين، سر ۽ ساز تي جهومڻ واري قوم آهي. پر اهو بلڪل نه وسارڻ گهرجي ته ارغونن، ترخانن سان بغاوت ڪندي جسم جون کلون لهندي زبانون ڪٽرائيندي به نه ڪيٻايو هو. هن قوم جي ئي اڳواڻن کي سر ڪٽي تاريخ ۾ شاهه عنايت کي زندهه مثال بڻايو. هن ئي قوم جي مخدوم بلاول کي گهاڻي ۾ پيڙائي عبرت ناڪ سزا ڏيڻ جي ڪڌي حرڪت ڪئي. ڇا مخدوم بلاول ڪنهن کان وسري سگهي ٿو؟

اڄ جي هن جديد دؤر ۾ سوين سياسي نظرياتي ڪارڪنن جي ڦاهين ۽ سزائن جي تاريخ جي باب کي ڪير وساري سگهي ٿو ته ڀلا شبير شر کان سندس پياري محبوب رهنما ۽ ساٿي نذير عباسي سان ساٿ نڀائڻ وارو وقت ڪيئن وسري سگهي ٿو ته پاسي واري کولي مان وهشت ناڪ تشدد ڪندڙن جون رڙيون ۽ هڪ انقلابيءَ جي جرئت مندي، بهادريءَ سان مقابلو ڪندي امن ۽ انقلاب جا گيت جهونگاري ساٿين کي حوصلو ڏيندو رهيو. هو مرڻو نه هو پر آخر هڪ ڏينهن گيتن جي جهونگار خاموش ٿي وئي ۽ پاسي جي کولين ۾ ساٿي سمجهي ويا ته آخر ڇا ٿيو؟ ها هڪ تاريخ لکجي وئي. 27 سالن جو نوجوان ڪيئن نسلن تائين امر بڻجي ويو. اها تاريخ سچ ۽ سچائي لاءِ جان جي پرواهه نه ڪندڙ تاريخ هئي، آهي ۽ رهندي.

هن ٻڏندڙ صورتحال ۾ شبير شر پنهنجي قيد ۾ ڏنل، ٻڌل منظر جو ورق ضرور پڙهيو هوندو. اچو ته اسان سڀ سندس حوصلي، جرئت ۽ انصاف لاءِ جاکوڙ ۾ ساٿ ڏيون. ان کان اڳ ڊاڪٽرن، استادن، سوشل ادارن جو ڀرپور ڪردار رهيو آهي. ٻوڏ دوران مختلف بيمارين خاص طور چمڙي، کنگهه جهڙين وچڙندڙ بيمارين ۽ ملڪ ۾ پکڙيل ڪورونا، ڊينگي جهڙي وائرس جي به پرواهه نه ڪندي ميڊيڪل ڪئمپن ۾ انسان بچاءُ ۽ انسانيت جي رشتي تحت پنهنجي پيشي جي سچائي کي ثابت ڪيو آهي. هنن پنهنجي ذاتي نه پر اجتماعي زندگي کي بچائڻ لازمي فرض سمجهيو آهي.

قوم کي ٻڌايون ته اقوام متحده جو سيڪريٽري جنرل اچي ٿو ته ڪارپيٽ تي پير رکي هلڻ بجاءِ زمين تي هلي ٿو ڇاڪاڻ جو هو زمين جي درد کي سمجهي ٿو. اسان جا رهنما سڏائيندڙ فخر سان ڪارپيٽ تي بوٽن جي لتاڙ سان ٽهڪ ڏيندي هلن ٿا. افسوس ان وقت سرمد سنڌي جو گيت ياد ٿو اچي.

”آءُ ڪيئن سيج سمهان منهنجا ماروئڙا پڌري پٽ سمهن“

افسوس جو مقام اهو آهي ته ٻاهرين ملڪن کان آيل امداد ڪاڏي وئي، ڪنهن وٽ پهتي. ڪجهه ڏينهن  اڳ عطيه دائود جي سوشل ميڊيا تي رکيل لکڻي پڙهيم ته هوءَ پنهنجي دوست جي گهر وئي. هن سٺي آڌار ڀاءُ ڪيس، ڊرائنگ روم ۾ پليٽ ۾ ڏاڍا يونيڪ قسم جا بسڪٽ کڻي آئي. عطيه جي پڇڻ تي ٻڌايائين ته 2010ع جي ٻوڏ ۾ ٻاهران آيل کائڻ جي امدادي سامان ۾ اهي بسڪوٽ هئا. اهي هن پنهنجي ملڪيت سمجهي رکي ڇڏيا. غريب ماڻهو ته پنهنجي ننڍڙن ٻارن کي پاڪستاني بسڪوٽ ته ڇا مانيءَ جو ٽڪر ڏئي ڇڏيندا آهن ته ڊڪي ڊوڙي کائيندو رهه. ضرور هن دفعي به آيل کاڌي سامان ۾ خالص اٽو، گيهه، چانور بسڪوٽ وغيره وغيره هوندو جن کي کائڻ جو حق به صرف ۽ صرف غبن خورن جي ٽجوڙين ۽ بورچيخانن ۾ پهچي ويو هوندو. ڇاهي جو اٻوجهه ستايل صرف کائڻ لاءِ ملاوٽ جو اٽو گيهه، کير ڪجهه گهڙين جي زندهه رهڻ لاءِ پيٽ ڀرڻ کي به ترجيح ڏئي رهيا آهن. سنڌ جا مالوند ڀاڳيا ماڻهو سڀ ڪجهه برباد ٿيڻ کانپوءِ صرف ۽ صرف جيئڻ جو سهارو گهرن ٿا پر هن بي حس سماج جي رکوالن کان ڪير پڇندو.

ها هاڻي، هر انسان پنهنجي لڙهندڙ گهرن جي عدالت جو آواز بڻجي جيسين سجاڳ نه ٿيندا تيسين سالن کان خيرات جي آسري پنهنجا قيمتي ووٽ ڏئي پنهنجن احساسن، جذبن حقن جي محرومي جا ڀاڱي ڀائيوار پاڻ هوندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.