حيدرآباد ۾ ٻوڏ متاثرن جي ڪئمپن ۾ سهولتن جي کوٽ، متاثرن کي هڪ ويلي جي ماني ملڻ به مشڪل

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ قائم ٻوڏ متاثر ماڻھن جي ڪيمپن ۾ سھولتن جي کوٽ وارو مسئلو تھ حل نھ ٿيو، پر متاثر ماڻھن کي ھڪ ويلي جي ماني ملڻ بھ مشڪل ٿي وئي آھي، ڪيمپن ۾ موجود ماڻھن جون دانھون نڪري ويون آھن، سخت گرمي ۾ بجلي ۽ پکي، ھنڌن بسترن، واشروم جي سھولت نھ ھجڻ سميت صحت جون بنيادي سھولتون ميسر نھ ٿيڻ جي ڪري عورتون ۽ ٻارڙا بيمارين جي ور چڙھي ويا آھن. حيدرآباد جي مختلف سرڪاري اسڪولن، ڪاليجن ۽ ٻين جاين تي قائم رليف ڪيمپن ۾ سھولتن جي کوٽ ۽ کاڌ خوراڪ جي رسائي وارو مسئلو پھرين ڏينھن کان حل نھ ٿي سگھيو آھي، عام ماڻھن، سماجي رضاڪارن ۽ فلاحي ادارن جي مدد سان گذريل ڪيترن ئي ڏينھن کان متاثر ماڻھن تائين کاڌ خوراڪ جي رسائي وارو ڪم ھلندڙ آھي، پر مھانگائي ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي جي ڪري عام شھري ۽ سماجي رضاڪار بھ گھڻي پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آھن، ھزارن جي تعداد ۾ ڪيمپن ۾ موجود ماڻھو کاڌ خوراڪ جي رسائي نھ ٿيڻ ۽ سھولتن جي کوٽ سبب وڏي اذيت ۾ مبتلا ٿي ويا آھن، انھن ھزارين متاثرن جي سھائتا ڪرڻ عام شھرين، رضاڪارن ۽ فلاحي ادارن جي لاءِ بھ وڏو چئلينج بڻيل آھي. حڪومتي بي حسي ۽ لاتعلقي جي ڪري متاثر ماڻھن جا اھنج ٻيڻا ٿي ويا آھن. ڪالھھ گورنمينٽ بوائز اسڪول جي او آر ڪالوني واري ڪيمپ ۾  موجود ٻوڏ متاثر ماڻھن ڪيمپ جي دوري تي آيل سماجي اڳواڻن آڏو اھي دانھون ڪيون تھ ضلعي انتظاميا پاران ڪي بھ سھولتون نھ پيون ڏنيون وڃن، کاڌ خوراڪ جي کوٽ آھي، ڪالھھ کان وٺي ماني بھ نھ ڏني وئي آھي، جيڪڏھن ماني اچي بھ ٿي تھ اھا وقت گذرڻ کانپوءِ پھچي ٿي، جنھن ڪري اسان جا معصوم ٻارڙا بکئي پيٽ ننڊ سمھي رھن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.