لاڙڪاڻي ۾ برسات متاثرن جي واهر لاءِ سماجي تنظيم جو احتجاج

لاڙڪاڻو( ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان بچايو تحريڪ طرفان ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ ۽ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف پريس  ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن سجاد حسين سومرو، ڏتل ابڙو، مير محمد چانڊيو، گل نظر چانڊيو ۽ ٻين چيو ته لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ ٻوڏ ۽ برسات متاثر کليل آسمان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن پر حڪمران کين رليف فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور نالا ٿي چڪا آهن ايتري حد تائين جو لاڙڪاڻي شهر جي پي ٽي ايس، ميونسپل اسٽيڊيم سميت ٻين هنڌن تي ايندڙ امدادي سامان لاءِ متاثرن کي دربدر ڪيو پيو وڃي ۽ کين لٺيون هڻي انهن جي تذليل ڪئي ٿي وڃي. هنن چيو ته متاثرن لاءِ ايندڙ امدادي سامان ڀوتارن جي بنگلن تي رکي من پسند ماڻهن ۾ ورهايو ويو وڃي ۽ هن وقت تائين انتظاميه شهر جي اڪثر علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائي سگهي آهي جنهن مان ظاهر آهي ته حڪمران ۽ ڪامورا متاثرن کي رليف فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته متاثرن جي واهر ڪري برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.