قمبر ۾ ٻوڏ متاثرن کي ماني بدران مار ۽ دڙڪا، احتجاج

قمبر (ڊ ر) قمبر ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، باءِ پاس تي ٽينٽ سٽي ۾ هزارين ترسيل ٻوڏ متاثر بکن ۾ پاهه ٿي ويا. صالح چانڊيو،رحمت  ميرجت،عظيمان خاتون، زينب چانڊيو،عرفان علي ۽ ٻين ٻوڏ متاثرن احتجاج ڪندي دانهيو ته ضلعي انتظاميا من پسند ماڻهن کي رات جي پيٽ ۾ خيما ۽ راشن پهچائن ٿا، بي پهچ ٻوڏ متاثر سورن ۾ آهن. هنن چيو ته ڳوٺن ۾ اڃا تائين  پاڻي بيٺل اهي، ٻوڏ سبب لڏپلاڻ ڪري شهر جي روڊن رستن تي ويٺل آهيون، هڪ خيمي اندر ٽي چار فيمليون رهن ٿيون، تمام گهڻي مشڪل ۾ آهيون، هڪ وقت جو کاڌو ملي ٿو ته ٻي وقت لاءِ ڌڪا ملن ٿا. ھنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته اسان کي کاڌ خوراڪ،خيما ۽ مڇر دانيون ڏنيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.