پني عاقل لڳ گهر تي چڙهائي، اغوا ٿيل عورت ۽ ٻار آزاد نه ٿيا، احتجاج

پنوعاقل (ت ر ) پنوعاقل جي مبارڪپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ اوچيھر مان 3 ڏينهن اڳ  مھربرادري جي ٻن ڌرين  وچ ۾ ھلندڙ سڱاوتي معاملي تان هڪ ڌر جي ھٿياربندن  پاران علي نواز مهر جي گهر تي چڙهائي ڪري گهر ۾ ستل هڪ عورت سميت ڇهن ڄڻن کي مرڻينگ ڪرڻ بعد  ھٿيار بند سندس گهر واري مائي زبيدہ ۽ سندس ڌيءَ زليخان ۽ ٻارڙو قالو مھر کي اغوا ڪري کڻي ويا ھئا، جڏهن ته واقعي کي  ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود مغوي  بازياب نه ٿي سگھيا وارثن  علي بخش مھر، سومر مھر ۽ ٻين احجتاج ڪندي چيو ته گھر ۾ رھجي ويل ٻن معصوم ٻارڙن 8 سالا پٽ شاھنواز ۽ 7 سالا ڌي لطيفان پنھنجي امڙ جي بازيابي پوليس ڪا به مدد نه ٿي ڪري معصوم ٻارڙن ميڊيا آڏو روئيندي چيو ته رات جو امڙ کان سواءِ  ننڊ به نه ٿي اچي امڙ کي جلد بازياب ڪرايو وڃي.  وارثن آءِ  جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته مغوي عورت ٻارڙن کي جلد کان جلد بازياب ڪرايو وڃي،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.