شاھ عنايت شھيد جو ميلو،گنج شھيدان تي ڏيئا روشن

جهوڪ شريف (ن ع آ) دنيا جي پهرين سوشلسٽ اڳواڻ  ۽ جو کيڙي سو کائي جي پرچارڪ  صوفي شاھ عنايت شھيد جي 314 هين عرس جي آخري ڌمال تي مختلف تقريبون ٿيون.جهوڪ ۾ گادي نشين مريدن ۽ عقيدتمندن سان گڏجي صوفي شاھ عنايت سان گڏ شهيد ٿيل فقيرن جي قبرن گنج شھيدان تي حاضري ڀري ۽ ڏيئا روشن ڪيا. ان موقعي تي صوفي فقيرن بنا ساز جي ڪلام پيش ڪيا جڏهن ته گادي نشين قصر قلندر تي چبوتري هيٺان پلال تي ويهي صوفياڻي ڪچھري ٻڌي، جنهن ۾ شفيع فقير، سهڻو فقير، منور فقير ۽ ٻين مختلف صوفياڻا ڪلام پيش ڪيا جڏهن ته رات جو گادي نشين مريدن کي ورد ڏنو.اڄ صبح 10 وڳي دعا ٿيندي، جنهن کان پوءِ عرس جون تقريبون پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچنديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.