پي ٽي آءِ ۾ ڏار، ڪيترائي اهم اڳواڻ جلد پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪندا

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) عمران خان جي حڪم کانپوءِ سڀني گروپن ڪجهه وقت لاءِ اختلافن تي پردو وجهندي اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر سڀ کان دلچسپ ڳالهه اها سامهون آئي آهي ته هاڻي راند تبديل ٿي چڪي آهي.

عمران خان جو جانشين بڻجڻ ۽ نااهلي جي صورت ۾ ڪنهن به عهدي لاءِ پنهنجو پنهنجو اميدوار سامهون آڻڻ جي خوفناڪ ويڙهه شروع ٿي چڪي آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخوا مان تحريڪ انصاف جي 21 ايم پي ايز سميت 8 قومي اسيمبلي ميمبر جلد پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪندا.

ڪاوڙيل ميمبرن اي اين پي ۽ جي يو آءِ جي قيادت سان ڳجهي نموني ملاقاتون ڪيون آهن جڏهن ته صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي پارٽي ڇڏڻ تي رضامندي سامهون آئي آهي.

پي ٽي آءِ ميمبرن جي شموليت کانپوءِ پشاور چارسده، مردان ۽ صوابي اي اين پي جو مضبوط ڳڙهه بڻجي سگهي ٿو جڏهن ته پشاور جا ايم پي ايز ڪنهن به وقت پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري سگهن ٿا.

پارٽي ڇڏڻ جي ڪري پارٽي اخلاف ايندڙ اليڪشن ۾ ٽڪيٽ نه ملڻ جو ڊپ آهي جڏهن ته پرويز خٽڪ هٿ پير هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.