پاڪ فوج گونگي ۽ ٻوڙي عورت جي داد رسي لاءِ ٺري ميرواهه پهچي وئي، سڄو ڳوٺ خوش

 

ٺري ميرواهه (ويب ڊيسڪ) ڪور ڪمانڊر ڪراچي جي هدايت تي پاڪ فوج گونگي ۽ ٻوڙي عورت جي مدد لاءِ ٺري ميرواهه پهچي وئي.

ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جي سگهه کان محروم ٻوڏ ۾ ڦاٿل بي وس عورت روئي روئي سوشل ميڊيا تي مدد لاءِ دانهيو هو.

ڪور ڪمانڊر ڪراچي جنرل محمد سعيد عورت جي دانهن تي فوري طور سندس مدد جو حڪم ڏنو هو، جنهن کانپوءِ پاڪ فوج جي ٽيم ڳوٺ پهچي عورت ۽ ان جي گهر ڀاتين کي فلڊ رليف سامان فراهم ڪيو.

عورت کي 5 خيما، اٽي جا 5 ٿيلها، راشن جا 5 ٿيلها، 20 مڇر داڻيون، ڪپڙا ۽ بسترو فراهم ڪيو ويو.

امدادي سامان ملڻ تي عورت جي مايوس چهري تي مُرڪ اچي وئي ۽ هن فوجي جوانن جا ٿورا مڃيا.

ان ڳوٺ جي ٻين 40 خاندانن ۾ به خيما، راشن، ڪپڙا، مڇر داڻيون ۽ ٻيو سامان ورهايو ويو، جنهن تي سڄو ڳوٺ خوش ٿي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.